يروشلم (م ڊ) اسرائيلي فوج فائرنگ ڪري اولهه ڪناري ۾ 2 فلسطيني سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 3 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو. اسرائيل فوج هڪ ڀيرو ٻيهر جارحيت جو مظاهرو ڪندي اولهه ڪناري جي علائقي جنين ۾ 3 فلسطينين کي شهيد ڪيو، اسرائيلي فوج گرفتاري مشن دوران فائرنگ ڪئي، جنهن دوران 2 فلسطيني سيڪيورٽي اهلڪار ۽ هڪ شهري شهيد ٿيو.