لاهور (م ڊ) ايف آءِ اي کنڊ اسڪيندل ۾ جهانگير ترين ۽ شهبازشريف کي گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب ايف آءِ اي پنهنجي جاچ رپورٽ وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر کي موڪلي ڇڏي، ذريعن موجب هاڻ جهانگير ترين ۽ شهبازشريف سميت ٻين شگر مل مالڪن خلاف ڪارروائي ايف آءِ اي بدران ايف بي آر ڪندو. ايف آءِ اي ان حوالي سان تفصيلي رپورٽ مڪمل ڪئي، جنهن مطابق شگر ملز مالڪن کنڊ تي سٽي بازي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو ۽ 100 ارب رپين کان وڌيڪ رقم کنڊ جي سٽي بازي ذريعي ڪمائي وئي، جڏهن ته کنڊ ذخيره اندوزي ۾ به شگر ملز مالڪ ملوث آهن، جڏهن ته جهانگير ترين، حمزه شهباز، شهبازشريف، خسرو بختيار سميت ٻين شگر مل مالڪن جا ڪيش بواءِ ۽ سٽي باز بروڪر ساڳيا نڪتا. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿي وئي آهي ته ضروري ناهي ته شگر مل مالڪن کي گرفتار به ڪيو وڃي، سمورو رڪارڊ ۽ جاچ رپورٽ شهزاد اڪبر کي اماڻي وئي آهي، کنڊ تي سٽي بازي سبب اربين رپين جو ٽيڪس به چوري ڪيو ويو ۽ ايف آءِ اي ٽيڪس ريڪور نه ٿي ڪري سگهي، هي ڪم ايف بي آر جو آهي، ايف آءِ اي فراڊ جي جاچ ڪئي، ذريعن موجب ايف آءِ اي کي جهانگير ترين طرفان ڪجهه وڌيڪ ثبوت فراهم ڪيا ويا آهن، ايف آءِ اي کي جيڪي ثبوت مليا آهن، اهي جهانگير ترين چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ ايف بي آر جي اڳوڻي اعليٰ آفيسرن جي مدد سان تيار ڪيا، انهن کي به رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ايف بي آر هاڻ ان تي ڪارروائي ڪري ٿو يا نه، اهو ايف بي آر ئي ٻڌائي سگهي ٿو.