ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آرمي چيف جي مقرري روڪڻ واري درخواست رد ڪري پٽيشنر تي 10 ھزار رپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران  شھري شبير اسلم عدالت کي ٻڌايو ته ته آرمي چيف جي مقرري کي في الحال روڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ قومي اداري ۾ اختلاف پيدا ٿي سگهن ٿا، جنھن تي عدالت چيو ته اسان جو ڪم آرمي چيف مقرر ڪرڻ يا روڪڻ ناهي، عدالت اهڙي درخواست رد ڪري  پٽيشنر تي 10 هزار ڏنڊ وجهي ڇڏيو.