اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا تحريڪ انصاف کي جلسي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي پر پريڊ گرائونڊ ۾ هيليڪاپٽر لينڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. ضلعي انتظاميا جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پريڊ گرائونڊ انتهائي حساس هنڌ آهي، پريڊ گرائونڊ ۾ هيليڪاپٽر موجود ئي ناهي، 36 شرطن ۽ ضابطن سان مخصوص روٽ ذريعي ريلين کي راولپنڊي پهچڻ جي اجازت هوندي، پريڊ گرائونڊ حساس هنڌ آهي، تحريڪ انصاف کي ريلي لاءِ مخصوص روٽس استعمال ڪرڻا پوندا، ڪي پي ڪي کان ايندڙ قافلا جي ٽي روڊ ۽ موٽروي کان پشاور روڊ آءِ جي پي روڊ استعمال ڪندا، ضلعي انتظاميه موجب پنجاب مان ايندڙ قافلا ٽي چوڪ روات کان ڪورال تائين پوءِ راولپنڊي طرف ويندا،  نوٽفيڪشن موجب روٽس استعمال ڪرڻ جي اجازت صرف هڪ ڏينهن هوندي، جيڪڏهن ڪوبه اڻوندڙ واقعو پيش آيو ته اجازت نامو رد سمجهو ويندو، اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا موجب پارٽي چيئرمين جي صحيح سان شرطن تي ٻڌل حلف نامو اڄ تائين ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرايو وڃي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته حلف نامو جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ به اجازت نامو رد سمجهيو ويندو.