اسلام آباد ( م ڊ ) شماريات واري کاتي آدم شماري جي آخري تاريخ ۾ چوٿون ڀيرو واڌ ڪندي آدم 30 اپريل آخري تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. آدم شماري ۾ پهريان ڏهه اپريل، ٻيو ڀيرو 15 اپريل ٽيون دفعو 20 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي هئي. هاڻي ڳڻپ کاتي موجب ڪجهه ضلعن ۾ گروٿ ريٽ ۽ ڊيٽا جي تصديق جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب آدم شماري جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ڪجهه وڏن شهرن ۾ آبادي ۾ لاٿ ۽ گهٽ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ آباد ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. شماريات کاتي ٻڌايو ته لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، حيدرآباد، ڪوئيٽا ۾ به آبادي ۾ لاٿ يا گهٽ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، جهلم، گجرات، اٽڪ ۽ پشاور ۾ ڊيٽا جي تصديق وارو عمل جاري آهي. شماريات کاتي طرفان، پشاور، ڊي آءِ خان، ايبٽ آباد ۽ ٽانڪ ۾ ڊيٽا جي تصديق سبب تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.