ٽنڊو الهيار/ سنجرچانگ (نمائندن وٽان) سنجرچانگ لڳ بشيرآباد موري نصير ڪئنال جي  آر ڊي 183 وٽان نامعلوم شخص جو لاش لڙهندي ڏسي  مقامي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس نصير واھ جي آر ڊي 183 تي پهچي لاش ڪڍرائي رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ منتقل ڪيو، جتي سڃاڻپ نياز حسين مري طور ٿي، جيڪو تعلقي جھنڊومري جي ڳوٺ شاھ بيگ لنڊ جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي،  ابتدائي رپورٽ ۽ پوليس موجب مقتول کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ بعد نصير ڪئنال واھ ۾ اڇلايو ويو هو، نيازمري پيپلزپارٽي اڳواڻ غلام قادر مري جي ويجهن ساٿين ۾ سمجهيو ويندو آهي جنهن جو تشدد ٿيل لاش نصير ڪئنال مان ھٿ اچڻ بعد ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن پوليس سي سي ٽي فوٽيج جي مدد سان نگينا ڪالوني ۾ ھڪ گهر تي ڇاپو هڻي شيو رام ڪولهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس موجب جوابدار نياز مري کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي مقتول جي ڀاءُ گل محمد مري ۽ ٻين وارثن چيو ته نياز مري رئيس غلام قادر مري جي ٻني سنڀاليندو هو جنهن سان گذريل  شام7 وڳي تائين اسانجو رابطو رهيو، هنن ٻڌايو ته هو گهران ٽنڊوالهيار وڃڻ جو چئي نڪتو هو.