آءِ سي سي زمبابوين ڪرڪيٽر برينڊن ٽيلر تي پابندي هڻي ڇڏي

0
277
آءِ سي سي زمبابوين ڪرڪيٽر برينڊن ٽيلر تي پابندي هڻي ڇڏي
آءِ سي سي زمبابوين ڪرڪيٽر برينڊن ٽيلر تي پابندي هڻي ڇڏي

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل زمبابوي جي ڪرڪيٽر برينڊن ٽيلر تي ٽن سالن لاءِ پابندي هڻي ڇڏي آهي. آءِ سي سي جي پڌرائي موجب برينڊن ٽيلر مٿان سموري ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي هوندي، اها پابندي ساڍن ٽن سالن تائين برقرار رهندي. ٻڌايو پيو وڃي ته برينڊن ٽيلر اينٽي ڪرپشن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي.

آءِ سي سي موجب هن آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي 4 ڀيرا ڀڃ ڪڙي ڪئي. ٻئي پاسي برينڊن ٽيلر اسپاٽ فڪسنگ جوو اعتراف به ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته 2019 ۾ کيس ڀارتي ڪيز فڪسنگ لاءِ مجبور ڪيو هو. ڀارتي بڪيز ڀارت گهرائي ڪوڪين جو نشو ڪرايو. ڀارتي بڪيز نشو ڪندي وڊيو ٺاهي ۽ بليڪ ميل ڪيو. وڊيو رليز ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، ان ڪري بڪيز جي ڳالهه مڃڻي پئي.

 

ھي به پڙھندا

پشاور زلمي جا 2 رانديگر ڪامران اڪمل ۽ ارشد اقبال ڪورونا ۾ مبتلا