حريم شاهه جا اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو فيصلو

0
170
حريم شاهه جا اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو فيصلو
حريم شاهه جا اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه خلاف مني لانڊرنگ جي انڪوائري ڪندڙ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ٽڪ ٽاڪر جا بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو.

حريم شاهه خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ

ذريعن موجب حريم شاهه جا پاڪستان ۾ ٻه بينڪ اڪائونٽ آهن. ايف آءِ اي اختيارين حريم شاهه جا ٻه بينڪ اڪائونٽ انڪوائري جي پڄاڻي تائين منجمد ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي ڇڏيو آهي.’

ايف آءِ اي جي حرڪت

واضح رهي ته حريم شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ لنڊن پهچي پرڏيهي ڪرنسي جي بنڊلز سان گڏ هڪ وڊيو ٺاهي هئي، وڊيو ۾ حريم شاهه وٽ ڳري پرڏيهي ڪرنسي ڏٺي وئي هئي.

 

 

 

 

ھي به پڙھندا

شيخ رشيد سان دوستي ڪيئن ٿي؟، حريم شاهه ٻڌائي ڇڏيو