وڏي عمر چاهيو ٿا ته روزانو 10 منٽ واڪ يا ورزش ڪريو

0
351

ڪراچي (دلچسپ نيوز) جديد تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته جيڪڏهن روزانو 10 منٽ ورزش، جسماني سرگرمي ۽ پنڌ ڪيو وڃي ته ان سان مرضن کان پري رهي سگھجي ٿو ۽ سراسري عمر ۾ به واڌ ٿي سگھي ٿي. انهيءَ رپورٽ بابت ڊاڪٽرن مشورو ڏنو آهي ته 40 کان 85 ورهين جا ماڻهو روزانو 10 منٽ واڪ کي يقيني بڻائين. جيڪڏهن رڳو آمريڪي ان جا عادي ٿي وڃن ته هر سال هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون بچائي سگھجن ٿيو.

ميري لينڊ ۾ موجود نيشنل ڪينسر انسٽيٽيوٽ ۾ ميٽابولڪ اپي ڊيميولوجي جي پروفيسر پيڊروسينٽ مورائس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جاگنگ بدران تيزي سان پنڌ ڪرڻ به هر رنگ ۽ نسل جي بزرگن کي فائدو پهچائي سگھي ٿو. سائنسدانن وچولي عمر جي 4800 ماڻهن جو جائزو ورتو ويو آهي. اهو سڀ سڀ هڪ وڏي حڪومتي سروي جو حصو هئا جيڪا 2003ع کان 2006ع ۾ شروع ٿي.

تحقيق مان خبر پئي ته روزانو 10 منٽن جي ورزش سان وقت کان اڳ موت جو خطرو 7 سيڪڙو، 20 منٽ ورزش سان 13 سيڪڙو ۽ واڌو اڌ ڪلاڪ جي واڪ يا ورزش سان اهو فائدو 17 سيڪڙو تائين پهچي ٿو. هاڻ جيڪڏهن ماڻهو رڳو 20 منٽ روزاهو ورزش لاءِ ڪڍن ته ان سان هر سال ٻه لک حياتيون بچائي سگھجن ٿيو.