“مڪاني ادارا بااختيار هوندا“: سنڌ سرڪار ۽ جماعت اسلامي ۾ معاهدو: اسيمبلي آڏو ڌرڻو ختم

0
198
“مڪاني ادارا بااختيار هوندا“: سنڌ سرڪار ۽ جماعت اسلامي ۾ معاهدو: اسيمبلي آڏو ڌرڻو ختم
“مڪاني ادارا بااختيار هوندا“: سنڌ سرڪار ۽ جماعت اسلامي ۾ معاهدو: اسيمبلي آڏو ڌرڻو ختم

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) جماعت اسلامي ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ مڪاني ادارن کي بااختيار ڪرڻ بابت لکت ۾ معاهدو، 29  ڏينهن کان سنڌ اسيمبلي ٻاهران لڳل ڌرڻو ختم، ان ڏس ۾ جماعت اسلامي پاران سنڌ ۾ مڪاني قانون خلاف سنڌ اسيمبلي آڏو لڳل ڌرڻي ۾ خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات جو صوبائي وزير ناصر شاهه، ڊاڪٽر عاصم حسين، وقار مهدي، طارق حسين  ۽ ٻيا پهتا، جتي لکت ۾ ٿيل معاهدي کانپوءِ جماعت اسلامي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان حوالي سان ڪالهه جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت مڪاني ادارن واري قانون 2021ع  ۾  وڌيڪ ترميمون ڪرڻ لاءِ راضي ٿي لکت ۾ معاهدو ڪيو آهي،

معاهدي هيٺ سنڌ سرڪار 2013ع واري مڪاني قانون هيٺ  ميئر کان ورتل کاتا ۽ اختيار واپس ڪندي، جڏهن ته تعليم ۽ صحت جا ادارا پڻ مڪاني ادارن کي واپس ڪيا ويندا، معاهدي موجب  مڪاني  چونڊن جي 30 ڏينهن اندر صوبائي فنانس ڪميشن (پي ايف سي) جڙندي، سمورن ضلعن کي آبادي، ترقي، ايراضي ۽ غربت آڌار فنڊ ڏنا ويندا، پراپرٽي ٽيڪس جيان موٽر وهيڪل ٽيڪس به  مڪاني ادارن کي ملندو، آڪٽراءِ ٽيڪس (او زيڊ ٽي ) مان به مڪاني ادارن کي حصو ڏنو ويندو، سنڌ سرڪار ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽڪل ڪاليج  کي يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سهڪار ڪندي، ڪراچي جو ميئر واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ به ميئر جي ماتحت هوندو، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪراچي، ملير ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽيز ۾ به ميئرن ۽ تعلقي چيئرمينن کي اختيار ڏنا ويندا، شاگرد يونينون بحال ٿينديون، مڪاني ادارن جو مدو ختم ٿيڻ جي 90 ڏيهن اندر نيون مڪاني چونڊون ٿينديون، هن چيو ته ميئرن / چيئرمينن  جي سڌي ريت چونڊ واري معاملي تي  ڳالهيون هلندڙ آهن، معاهدي جي پاسداري ڪرڻ سنڌ سرڪار جو ڪم آهي،

هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن معاهدي تي عمل نه ڪيو ويو ته اسان  وزيراعليءِ هائوس جو گهيراءُ ڪنداسين. ٻئي طرف ٽي وي  چينلز سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسانجو  سنڌ سرڪار سان ڪجهه ڳالهين تي اتفاق ٿيو آهي، ڪجهه تي اڃا به ڳالهيون ٿينديون،   پ پ وارن لکت م معاهدو ڪيو آهي، هاڻ انهي تي عمل  ڪرائڻ سندن ساک جو مسئلو هوندو، هن چيو ته سنڌ سرڪار اها به خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائي  مڪاني قانون ۾ ترميمون ڪيون وينديون، هن چيو ته پ پ اڳواڻن اهو به چيو آهي ته وزيراعليٰ مراد شاهه  جلد اداره نور الحق  جو دورو ڪندو، ٻئي طرف خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جماعت اسلامي سان 15 ڏينهن کان ڳالهيون هلندڙ هيون، ٻنھي ڌرين ڪجهه ڳالهين تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه تي اڃا به ڳالهيون جاري رهنديون،

هن چيو ته  اسان 100 سيڪڙو ڳالهيون ناهن مڃيون، هن چيو ته مڪاني  قانون ۾ ترميم سان مڪاني چونڊون ۾ دير  نه ٿيندي، باقي  جماعت اسلامي، پي ايس پي ۽ متحده جي پٽيشنن جي روشني ۾ هاءِ ڪورٽ ڪو فيصلو / حڪم ڏنو ته پوءِ  مڪاني چونڊن ۾ دير ٿي سگهي ٿي

ھي به پڙھندا

حڪومت ڇڏي روڊن تي آيس ته وڌيڪ خطرناڪ ٿيندس: عمران خان