عظميٰ بخاري، طارق ڄاموٽ ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي ڪورونا

0
311
عظميٰ بخاري، طارق ڄاموٽ ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي ڪورونا
عظميٰ بخاري، طارق ڄاموٽ ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي ڪورونا

ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪورونا  وڌيڪ 30 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 8183 نوان مريض سامهون اچڻ بعد ملڪ ۾ڪورونا شرح  11.92، ڪراچي ۾ 26.3، حيدرآباد ۾19 ۽ اسلام آباد ۾ 16.7 سيڪڙو رهي، هوڏانهن نواز ليگ جي ترجمان عظميٰ بخاري ۽ پمز جا 485 ڊاڪٽر ۽ نرسون ڪورونا ۾ مبتل ٿي ويا، ٻئي طرف سنڌ ۾ 15 شهرين دم ڏنو، جڏهن ته 2111 نوان ڪيس ظاهر ٿيا،

ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته صوبي ۾ 50286 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 49802 گھرن ، 40 آئسوليشن سينٽرن ۽ 444 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، 382 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 25 مريض وينٽيليٽر تي منتقل ڪيا ويا آهن، هوڏانهن ڪراچي ۾ 1568، حيدرآباد ۾ 138، سانگھڙ ۾ 45، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ 32_32، مٽياري ۾ 30، ٽنڊي محمد خان ۾ 27، ٿرپارڪر ۾ 24، ڄامشوري ۾ 21، سجاول ۾ 20، شهيد بينظيرآباد ۾ 19، ٽنڊي الهيار ۽ ٺٽي ۾ 17_17، بدين ۾ 116، گھوٽڪي ۽ عمرڪوٽ ۾ 14_14، ڪشمور ۾ 13، نوشهري فيروز ۾ 11، خيرپور، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ 10_10 ۽ جيڪب آباد ۾ وڌيڪ 7 نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي. ٻئي طرف سنڌ  صحت کاتي جي غفلت سبب ڪورونا ويڪسين  جا هڪ لک 20 هزار 601 ڊوز ضايع ٿي ويا،

سائنوفارم جا 27 هزار 899، سائنوويڪ جا 32 هزار 767، اسٽرازنيڪا جا 32 هزار 878، فائز جا 9 هزار 467، موڊرونا جا 3 هزار 656، اسپوٽنڪ جا 3 هزار 454 ۽ ڪين سائنو توڙي پاڪ ويڪ ويڪسين جا 10 هزار 551 ڊوز ضايع ٿي ويا آهن.، هوڏانهن سنڌ م سيپٽمبر کان 5 مهينن دوران  بوسٽر  جا رڳو 37 هزار ڊوز مس لڳي سگهيا آهن، ٻئي طرف ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ ملازمن جي پگهارن لاءِ هلندڙ احتجاج سبب 5 ڏيهن کان ويڪسين جو عمل معطل ٿيل آهي،   هوڏانهن حيدرآباد ۾ ڪورونا وگهي 3 مريض فوت ٿي ويا، پ پ ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ ۽ ايس ايس پي ساجد عامر سدوزئي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد گهرن ۾ آئيسوليٽ ٿي ويا، جڏهن ته  ٽنڊي الهيار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ولي محمد بلوچ سميت 15 شهري ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا،

 

ھي به پڙھندا

 

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 8 ماڻهو فوت، هزارين ڪيس ظاهر