اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف معاهدو نٿو ڪرڻ چاهي ته نه ڪري، اسان وڌيڪ مشڪل فيصلا نٿا ڪري سگهون. ناڻي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مئي ۽ جون ۾ 3.7 ارب ڊالر جي بيروني ادائيگين جو پلان آهي. ان ادائيگين ۾ ڪابه پريشاني نه آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جيترا اڳواٽ قدم کڻڻ لاءِ چيو اهي سمورا قدم کڻي ورتا آهن هاڻ وڌيڪ قدم نٿا کڻي سگهون. هن اميد ظاهر ڪئي ته چين پاڪستان کان وڌيڪ 2.4 ارب ڊالرز جو قرض رول اوور ڪري ڇڏيندو.