اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جاچ عمل ۾ رنڊڪ وجهي ته نيب ضمانت رد ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿو، جاچ آفيسر کي جڏهن به ضرورت پوي ته عمران خان سندس آڏو پيش ٿئي، تحريري فيصلي ۾ چيو ويو ته ايڊوڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جو موقف جارحاڻو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته آرٽيڪل 245 لاڳو آهي ان ڪري عمران خان کي رليف نه ٿو ملي سگهي، عدالتي فيصلي موجب اهڙي موقف جو مطلب اهي بنيادي حق کسڻ آهي جيڪي جمهوري ۽ اسلامي رياست جو بنياد آهن، واڳيل فورم احتساب عدالت هجڻ وارو اعتراض درست نه آهي، عدالت چيو ته عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، هاءِ ڪورٽ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر تحت به ڪيس ٻڌڻ جو اختيار رکي ٿي. سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب عمران خان کي سيڪيورٽي ڏني وڃي، جسٽس ميان گل حسن 3 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته عمران جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، جڏهن گهرايو وڃي ته عمران جاچ ۾ شامل ٿئي. حڪنامي موجب وڪيل ٻڌايو ته عمران جي زندگي کي خطرو آهي، اڳوڻي وزيراعظم کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي، عدالت حڪم ڏنو ته عمران کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي عمران ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي.