سکر(بيورو رپورٽ) ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ طرفان سنڌ ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ، پابندي مڙهيل تنظيم جي جوابدار کي بارودي مواد، هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي. ان ڏس ۾ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي سکر دعويٰ ڪئي آهي ته سکر پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي صالح پٽ ۾ ڪارروائي، بين الصوبائي گروهه، پابندي مڙهيل تنظيم جي جوابدار پائين خان بگٽي کي گرفتار ڪري 10 ڪلو آر ڊي ايڪس بارودي مواد ۽ هٿيار برآمد ڪري دهشتگردي جي واردات کي ناڪام بڻايو ويو آهي. هن چيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جي گرفتار جوابدار پائين خان ولد پير محمد بگٽي جي نشاندهي تي صالح پٽ ريگستاني علائقي۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي گهر مان بارودي مواد ۽ رائفلون. پسٽل ۽ ٻيا هٿيار برآمد ڪيا ويا آهن، ايس ايس پي سکر موجب پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق آهي سنڌ اندر دهشتگردي ۾ اها تنظيم سرگرم آهي، گرفتار جوابدار پائين خان بگٽي جا ٻه گهرڀاتي ۽ ٻيا جوابدار به ملوث آهن، گرفتار جوابدار ۽ سندس ساٿي ڪٿي به دهشتگردي جو واقعو ڪري پيا سگهن ان کي ناڪام بڻايو ويو آهي. معاملو جاچ جي مرحلي ۾ آهي وڌيڪ جوابدار کان جاچ ڪري رهيا آهيون.