آءِ ايس آءِ کي  لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جو حڪم

0
105
آءِ ايس آءِ کي  لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جو حڪم
آءِ ايس آءِ کي  لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جو حڪم

آءِ ايس آءِ کي لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جو حڪم ڏنو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مبينا آڊيو ليڪس خلاف دراخوست جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو

جسٽس بابر ستار طرفان 5 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪمنامو جاري، عدالت آڊيو کي سوشل ميڊيا تي ليڪ ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ آءِ ايس آءِ کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته گهربل ٽيڪنالوجي استعمال ڪري پتو لڳايو وڃي ته آڊيو سڀ کان پهرين ڪنهن ليڪ ڪئي؟عدالت سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته اهڙي قسم جي آڊيوز قومي ميڊيا تي نشر ڪري سگهجي ٿي؟

ڊي جي آءِ ايس آءِ، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي 10 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽس ڏين، پي ٽي اي ان ڪائونٽس کي ٽريس ڪري، جتان سڀ کان پهرين آڊيو رليز ٿي، درخواست ۽ عدالتي حڪمنامو ڊي جي آءِ ايس آءِ، پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ پيمرا کي موڪلڻ جو حڪم  ڏنو ويو

هي به پڙهندا

لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي ليڪ ٿيل آڊيو جي فارنزڪ جو حڪم