نگران وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس مان بري

0
103
نگران وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس مان بري
نگران وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس مان بري

نگران وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس مان بري ٿي ويو، احتساب عدالت لاهور جي جج ملڪ علي ذوالقرنين اعواڻ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ احد چيما جي بريت واري درخواست منظور ڪندي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

 عدالت گذريل ٻڌڻي تي احد چيما جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ نيب نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ ڪلين چٽ ڏني هئي

نيب رپورٽ موجب احد چيما خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ريفرنس نه ٿو ٺهي، احد چيما جا سمورا اثاثا سندس آمدني سان مطابقت رکن ٿا، سندس مبينا بي نامي دارن ذاتي انڪم  سان پراپرٽيز ٺاهيون