ڪابل (م ڊ) پاڪستان جي ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو. طالبان جي ڪابل تي قبضي بعد پاڪستان جي عسڪري اعليٰ عهديدار جو هي پهريون ڪابل جو دورو آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ سان گڏ پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد به ڪابل  ويو، جنرل فيض حميد جي ڪابل ايئرپورٽ تي تصوير به سامهون آئي، جنهن ۾ هن کي چانهه جو ڪوپ کنيل آهي، ذريعن موجب پاڪستاني وفد طالبان جي افغان شوريٰ جي دعوت تي ڪابل جو دورو ڪيو آهي. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد طالبان نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ، افغان سرحدي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، سڪيورٽي سميت اهم ٻه طرفن معاملن تي گفتگو ڪئي،  پاڪ، افغان سرحدي صورتحال، مجموعي سلامتي جي مسئلن تي به مشاورت ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته فساد پيدا ڪندڙ ۽ دهشتگرد تنظميون صورتحال مان فائدو نه کڻي سگهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ سان پاڪستاني سفير به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ افغانستان مان ماڻهن جي واپسي ۽ راهداري جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي ۽ عالمي تنظيمن جي عملي جي پاڪستان رستي وطن واپسي ۽ ان حوالي سان التوا هيٺ درخواستن جي مسئلي تي به غور ويچار ڪيو، ذريعن موجب ان کان اڳ ڪابل جي سرينا هوٽل ۾ڪجهه پرڏيهي صحافين آءِ ايس آءِ سربراهه کان ڪابل دوري بابت سوال ڪيو. صحافي سوال ڪيو ته اوهان ڇا ٿا سمجهو، هاڻ افغانستان جو ڇا ٿيندو؟ جنهن تي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد چيو ته اوهان فڪر نه ڪريو، سڀ بهتر ٿيندو، ان موقعي تي پاڪستاني سفير چيو ته اسان افغانستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.