اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران  خان ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوئيترس وچ ۾ فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ افغانستان جي صورتحال خاص طور تي افغانستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ افغانستان مسئلي جو جامع سياسي حل جي اهميت کي اجاگر ڪندي زور ڀريو ته افغانستان ۾ 40 سالن کان هلندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن  افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي ملي سگهي، وزيراعظم ترجيحي بنيادن تي انساني ضرورتون ۽ معاشي استحڪام جي ضرورت کي پورو ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سان نه رڳو سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿيندي پر افغانستان مان افغانين جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ کي به روڪي سگهبو، وزيراعظم افغاني عوام کي ضروري انساني امداد فراهم ڪرڻ ۾ اقوام متحده جي ڪردار جي تعريف ڪئي، اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان اقوام متحده جي انساني حقن جي مشن جي ڪم ۾ مڪمل مدد فراهم ڪندو.