عورتن جو اڄ عالمي ڏهاڙو: سنڌياڻيون تعليم، صحت سميت بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن: سڄاڻ عورتون

0
110
عورتن جو اڄ عالمي ڏهاڙو: سنڌياڻيون تعليم، صحت سميت بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن: سڄاڻ عورتون
عورتن جو اڄ عالمي ڏهاڙو: سنڌياڻيون تعليم، صحت سميت بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن: سڄاڻ عورتون

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي سڄاڻ عورتن  پرڳڻي جي 52 سيڪڙو آبادي رکندڙ عورتن کي تعليم، صحت سميت بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، اڄ ملهائجندڙ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڳالهائيندي وومين ڪميشن جي اڳوڻي چيئرپرسن نذھت شيرين چيو ته عورتن جا مسئلا تمام گهڻا آھن، تعليم ۽ شعور جي کوٽ سبب کين پنهنجن حقن جي خبر ناھي، اسيمبلي ۾ جيڪا قانونسازي ٿئي ٿي، انھن ۾ زميني حقيقتن کي نظر ۾ نٿو رکيو وڃي

عورتن بابت سمورن قانونن ۾ ھڪجھڙيون ڳالهيون آھن، ارلي چائلڊ ميريج (ٻالڪپڻ جي شادي) وارو مامرو سوشل ويلفيئر کاتي وٽ آھي،عورتن جي ڀلائي لاءِ کاتو آھي پر اھو اهي ڪم نٿو ڪري، عورتن جي صحت لاءِ سھولتون ناھن، ليڊي ھيلٿ ورڪرز کان سپروائيزر ڀتو وٺن ٿا، کين بليڪ ميل ڪن ٿا، عورتن جي  هراسمينٽ جو مسئلو پڻ آھي، هتي  وومين ڪميشن کي غير فعال بڻايو ويو آھي، ايڇ آر سي پي حيدرآباد جي ڪوآرڊينٽر غفرانه آرائين چيو ته اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن هوندي 80 سيڪڙو  عورتون انهي کان بي خبر آھن، جنهن جو بنيادي سبب تعليم ۽ آگاھي جي کوٽ آھي

سرڪار عورتن جي ڏينهن تي ورڪنگ وومين لاءِ موڪل جو اعلان ڪري، عورتن جي ڀلائي واري کاتي ۾ سائڪالاجسٽ طور ڪم ڪندڙ قرت العين شاھ چيو ته زندگي جو ھر لمحو عورتن عورتن سان ئي جڙيل آھي، عورت کانسواءِ سماج کوکلو آھي پر اسان وٽ عورتن کي پوئتي ڌڪيو ٿو وڃي هن چيو ته جيستائين  تعليم عام نه ٿيندي، تيستائين عورتن کي بنيادي حق ملڻ ڏکيو آھي،  سماجي اڳواڻ سيما مھيشوري چيو ته گھريلو تشدد اھم مسئلو آھي، جنهن کي  نظرانداز ڪيو وڃي  ٿو، عورتن تي تيزاب اڇلايو وڃي ٿو، اسان وٽ عورتون  مالي طور مستحڪم نه هجڻ ڪري مسئلن تي ڳالهائي ٿيون سگهن

پورھيو ڪندڙ عورتن کي  بهتر اجرت نٿي ملي، تعليمدان صدف ڀٽي چيو ته عورت مارچ جھڙا پروگرام ڪرائڻ بدران  عورتن جي تعليم ۽ تربيت ضروري آھي، هوڏانهن عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي اڄ ڪراچي جي فريئر ھال ۾ عورتن جو احتجاجي ميلو ٿيندو،  جنهن ۾ عورتن پاران کنڀيلن جي بازيابي، مذهبي تبديلي ۽ ٻين معاملن تي سيشن ٿيندا ـ جڏهن ته ھوم بيسڊ ورڪرز پاران پريس ڪلب چوڪ کان آرٽس ڪائونسل تائين ريلي ڪڍي ويندي