سنڌ جو امن تباهه آهي، ماڻهو خوف ۾ لڏي رهيا آهن هي محبتي ماڻهو ڪيڏانهن ويندا: چيف جسٽس

0
49
سنڌ جو امن تباهه آهي، ماڻهو خوف ۾ لڏي رهيا آهن هي محبتي ماڻهو ڪيڏانهن ويندا: چيف جسٽس
سنڌ جو امن تباهه آهي، ماڻهو خوف ۾ لڏي رهيا آهن هي محبتي ماڻهو ڪيڏانهن ويندا: چيف جسٽس

ڪنڌڪوٽ/سکر(رپورٽر+بيورورپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ڪشمور ضلعي وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪير به لڏپلاڻ نه ڪري،  ٿيندو،ڪنڌڪوٽ ۾ 15 ڏينهن اندر امن بحال ٿيندو، سنڌ ۾ امن تباهه آهي

ڪنڌڪوٽ جي دوري دوران وڪيلن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ڪنڌڪوٽ جون حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، ماڻهن جو اغوا ٿيڻ ۽ ڦرون روز جو معمول آهن، روڊ رستا ويران ڏسي ڏک پهتو آهي، ماڻهو خوف ۾ لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، ايس ايس پي  ۽ ڊي سي ڇا پيا ڪن؟ ڪنهن کي به لڏپلاڻ ڪرڻ جي ضرورت ناهي

15 ڏينهن اندر امن امان بحال ڪرائينداسين. ايس ايس پي ۽ ڊي سي 15 ڏينهن اندر مڪمل امن بحال ڪرائي ڊسٽرڪٽ سيشن جج وٽ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. امن نه ٿيو ته آءٌ سڀني کي پاڻ وٽ گهرائيندس هن چيو ته هي ڪهڙو مذاق آهي ڪچي ۾ جديد هٿيار ۽ راڪيٽ لانچر پهچن ٿا، ڪير ملوث آهي، هتان جا محبتي ماڻهو ڪٿي لڏپلاڻ ڪري ويندا؟

هن چيو ته جج دوستن ٻڌايو ته ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا حالات خراب آهن اوهان نه وڃو مون ان کي چيو ته اگر اهڙي صورتحال آهي آءٌ ضرور ويندس. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي  تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته سنڌ جو امن امان تباهه آهي امن امان بابت جيڪو اجلاس ٿيڻو هو اهو ڇهه سالن کانپوءِ ٿيو

هن چيو ته سکر جي وڪيلن کي جوڊيشري ۾ نظر انداز نه ڪيو. جيڪو جج وڪيلن جي تذليل ڪري آءٌ ان کي جج نٿو سمجهان مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ناهي جوڊيشري قانون موجب فيصلا ڪندي