ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه 22.5 ارب رپين جي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 32 کان 35 هزار ماهوار ڪمائيندڙ 45 لک خاندانن کي بينڪن ذريعي 5000 روڪ رقم ڏني ويندي، جنهن جو فيصلو ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. وڏي وزير سمورن ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي ذخيرا اندوزن ۽ منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رپورٽ پيش ڪن. ڪالهه وڏي وزير جي صدارت ۾ رمضان پيڪيج، اگهن تي ڪنٽرول ۽ ٻين انتظامن بابت ٿيل اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ٻڌايو ته صوبي ۾ 45 لک مستحق خاندان آهن،  جيڪي 32  کان 35 هزار رپيا ماهوار يا انهي کان گهٽ ڪمائي رهيا آهن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته اهي خاندان آبادي جو 60 سيڪڙو آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته غريب خاندانن کي رمضان پيڪيج طور 5 هزار رپيا ڏنا ويندا، جنهن تي 22.5 ارب رپيا خرچ ايندو، گذريل رمضان ۾ 15.5 ارب رپين جو پيڪيج ڏنو ويو هو.  مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو ضرورتمند خاندانن جو انگ معلوم ڪري ته جيئن ڪوبه پيڪيج کان رهجي نه وڃي. مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي 22.5 ارب رپين جي ورڇ بابت بينڪن سان ڳالهائڻ جي پڻ هدايت ڪئي، وڏي وزير سمورن ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي منافعي خورن ۽ ذخيرا اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪن. مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ هڪ مختيارڪار کي پنهنجي نمائندي طور سبزي منڊي ۾ ڀاڄين ۽ ميون جي اگهن تي ڪنٽرول لاءِ مقرر ڪري، هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي پوليس کي هدايتون ڏئي ته اها اگهه ڪنٽرول مهم دوران ضلعي انتظاميا سان سهڪار ڪري. وڏي وزير ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو ۽ سوئي سدرن کي افطار ۽ سحري دوران بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي، مراد شاهه زڪوات کاتي کي هدايت ڪئي ته 110,000 رجسٽرڊ خاندانن کي في گهراڻو 14 هزار رپيا گذارا الائونس جاري ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سڄي دنيا ۾ شين جا اگهه گهٽجي ويندا آهن پر پاڪستان ۾ ڄاڻي واڻي اگهه وڌايا ويندا آهن. مراد علي شاهه انتظاميا کي خبردار ڪيو ته هو ڪنهن به وقت شهر جو اوچتو دورو ڪري ميون، ڀاڄين ۽ ٻين شين جي اگهن، معيار ۽ دستيابي جو جائزو وٺندو.