اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شھباز شريف رمضان المبارڪ ۾ ملڪ جي غريب ۽ ھيٺين طبقي لاءِ 7.5 ارب رپين جي سبسڊي تي ٻڌل رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، رمضان ۾ ملڪ اندر 3 ڪروڙ 96 لک کان وڌيڪ خاندانن کي کاڌ خوراڪ جون شيون سستي اگھن تي فراھمي ٿيندي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اھل 88 سيڪڙو خاندانن کي اٽو، چانور، دالن، گيھه، تيل، کنڊ، کير سميت 19 شيون بازار کان رعايتي اگھن تي فراھم ڪيون پيون وڃن. اٽي جي 20 ڪلو ٿيلھي تي 77 رپيا في ڪلو، گيھه تي 70 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏني پئي وڃي. وزير اعظم رليف پيڪيج ملڪ اندر قائم 4 ھزار 775 يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي حقدار خاندانن ۾ تقسيم ڪيو پيو وڃي.  وزير اعظم شھباز شريف جي صدارت ھيٺ رمضان المبارڪ ۾ وزير اعظم رليف پيڪيج ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزير اعظم جي ھدايتن تي ھلندڙ سال رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ ھيٺين طبقي کي 7.5 ارب رپين جو رمضان رليف پيڪيج فراھم ڪيو پيو وڃي. جنھن ۾ اٽو، داليون، گيھه، تيل، کنڊ مشروبات سميت 19 کاڌ خوراڪ جون شيون بازار کان گھٽ قيمتن تي فراھم ڪيون پيون وڃن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ھن رمضان المبارڪ ۾ وزير اعظم رمضان پيڪيج ۾ ڏني ويندڙ سبسڊي جي شرح 30 سيڪڙو آھي جيڪا ملڪ ۾ مھانگائي جي شرح کان به وڌيڪ آھي. بريفنگ ۾ اھو به ٻڌايو ويو ته ملڪ اندر 3 ڪروڙ 96 لک کان وڌيڪ خاندانن کي وزير اعظم رمضان رليف پيڪيج فراھم ڪيو پيو وڃي. جنھن ۾ ملڪ جا غريب ۽ گھٽ آمدني واري طبقي جا تقريبن ماڻھو شامل آھن. پيڪيج جي حاصلات جي لاءِ اھڙا ماڻھو جن کي رجسٽريشن ۾ مسئلا درپيش ٿيندا. انھن کي موجود نظام تحت موقعي تي ئي رجسٽريشن جي سھولت موجود آھي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حوالي سان آگاھه ڪندي ٻڌايو ويو ته وزير اعظم شھباز شريف جي خصوصي ڪوشش ۽ توجھه سبب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ غريب ۽ مستحق خاندانن کي 3 ماھي امدادي رقم ۾ خاطر خواھه اضافو ڪري 10 ھزار 500 ڪيو ويو آھي. وزير اعظم ھدايت جاري ڪئي آھي ته رمضان المبارڪ ۾ ئي ان رقم جي فوري تقسيم يقيني بڻائي وڃي. وزير اعظم ھدايت ڪئي ته بلوچستان ۾ اھڙا مستحق خاندان جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ آھن انھن کي 10 ھزار 500 ٽه ماھي امداد سان گڏو گڏ 2 ھزار رپيا تقسيم ڪيا وڃن. وزير اعظم محمد شھباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي ھدايت ڪندي چيو ته يقيني بڻايو وڃي ته رمضان پيڪيج حاصل ڪرڻ ۾ مستحقن کي ڪنھن قسم جي پريشاني کي منھن نه ڏسڻو پوي. سستي اٽي لاءِ ڪائونٽرز ۾ اضافو ۽ موبائل يونٽس جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. ھٿرادو قيمتن ۾ اضافو ڪندڙ ذخيرا اندوزن خلاف ڪاروائي کي يقيني بڻايو وڃي. رمضان رليف پيڪيج جي حوالي سان ڪنھن به قسم جي ڪوتاھي ۽ سستي برداشت نه ڪئي ويندي.