وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات ڪندو

0
35
وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات ڪندو
وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات ڪندو

وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪندو

ذريعن موجب قانون واري وزير نذير تارڙ به وزيراعظم سان گڏ هوندو ۽ اها ملاقات سڀاڻي 2 وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس ٿيو

اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي غور ڪيو ويو ۽ ججن جي خط جي آئيني ۽ قانوني حيثيت جو جائزو ورتو ويو، جڏهن اجلاس اٽڪل اڍائي ڪلاڪ جاري رهيو

هن کي به پڙهندا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جو خط: چيف جسٽس فل ڪورٽ اجلاس گهرائي ورتو

آءِ ايس آءِ ۽ انتظاميا تي عدليه ۾ مداخلت جو الزام: وڊيوز ٺاهي، ڌمڪائي دٻاءُ وڌو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جو خط