صدر زرداري جو چيني سفارتخاني جو دورو، بشام واقعي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت

0
32
صدر زرداري جو چيني سفارتخاني جو دورو، بشام واقعي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت
صدر زرداري جو چيني سفارتخاني جو دورو، بشام واقعي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت

اسلام آباد: صدر آصف زرداري چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ شانگلا ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت ڪئي

صدر چيو ته پاڪستاني قوم چيني عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، چيني شهرين جي حفاظت لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا

 صدر چيو ته اهو حملو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لازوال دوستي ۽ گڏيل قدرن تي حملو آهي

چيني سفير سفارتخاني جو دورو ڪرڻ تي صدر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو

چيني سفير چيو ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارن کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت آهي

هن چيو ته زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني دهشتگرد حملي جي مذمت ڪن ٿا، چيني ڪارڪنن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي

چيني سفير پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سي پيڪ سميت ٻين منصوبن لاءِ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو