محسن نقوي، احد چيما ۽ طلال چوڌري سميت 7 سينيٽر بنا مقابلي چونڊجي ويا

0
46
محسن نقوي، احد چيما ۽ طلال چوڌري سميت 7 سينيٽر بنا مقابلي چونڊجي ويا
محسن نقوي، احد چيما ۽ طلال چوڌري سميت 7 سينيٽر بنا مقابلي چونڊجي ويا

لاهور: سينيٽ چونڊن ۾ پنجاب مان 7 سينيٽر بنا مقابلي چونڊجي ويا

خبر موجب پنجاب مان سينيٽ چونڊن ۾ (ن) ليگ جا پرويز رشيد، ناصر محمود، احد چيما ۽ طلال چوڌري بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويا آهن، جڏهن ته حڪومتي اتحاد جو محسن نقوي به بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو آهي

ان کان علاوه سني اتحاد ڪائونسل جا راجا ناصر عباس ۽ حامد خان به سينيٽر چونڊيا ويا آهن

ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي مصطفيٰ رمدي پنهنجا ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا، جڏهن ته جنرل سيٽ تي شهزاد وسيم، مصدق ملڪ، وليد اقبال ۽ عمر اعجاز چيما پنهنجا ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا