اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جو خط: چيف جسٽس فل ڪورٽ اجلاس گهرائي ورتو

0
44
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي به ڌمڪين جا خط اماڻيا ويا
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي به ڌمڪين جا خط اماڻيا ويا

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي لکيل خط تي سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس گهرائي ورتو، فل ڪورٽ اجلاس ڪجهه دير ۾ شروع ٿيندو

ذريعن موجب فل ڪورٽ اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پاران لکيل خط جو جائزو ورتو ويندو

پاڪستان جي بار ايسوسيئيشنز پاران عدليه ۾ مبينا مداخلت بابت 6 ججز جي خط تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو، جڊيشل ڪميشن جوڙي معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو

 سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي ججز پاران چيف جسٽس آف پاڪستان کي لکيل خط جو جائزو ورتو ويو، پڌرائي موجب عدالتي معاملن ۾ مداخلت تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پاران ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي

 سپريم ڪورٽ جي ٽن ججز تي ٻڌل جڊيشل ڪميشن جوڙي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، لاهور هاءِ ڪورٽ بار، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار، اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار پاران به معاملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو

پاڪستان جي بار ايسوسيئيشنز پاران مبينا مداخلت ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جي گهر به ڪئي وئي

هي به پڙهندا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي لکيل خط جي اوپن ڪورٽ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل