ايران سان ڪو معاهدو نه ڪريو: آمريڪا پاڪستان کي پابندي لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

0
99

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا شانگلا حملي جي مذمت ڪرڻ سان گڏ پاڪستان کي ايران سان ڪنهن به قسم جو معاهدو ڪرڻ تي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي

ان ڏس ۾ آمريڪي پرڏيهي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ چيني شهرين تي دهشتگرد حملن جي مزمت ڪري ٿو. پاڪستان کي ايران سان ڪنهن به منصوبي تي  وڌڻ کان پرهيز جي صلاح ڏيون ٿا

ايران سان ڪاروبار سان اسان جي پابندين هيٺ اچڻ جو خطرو آهي. پاڪستاني عوام دهشتگردي سبب سخت متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته  ڪنهن به ملڪ کي دهشتگردي جو شڪار نه ٿيڻ گھرجي. دهشتگردي جي حملي ۾ متاثر ٿيندڙن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. جانين جي زيان ۽ زخمين تي گهرو ڏک ٿيو آهي