اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي صدارت ھيٺ ٽيڪس سڌارن ۽ ٽيڪس وصولي جي حوالي سان اجلاس  ٿيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري قانون راجا نعيم اڪبر، آفاق قرشي ميمبر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪجھه اھم فيصلا ڪيا ويا. پڌرائي موجب  فيصلو ڪيو ويو ته ايف بي آر محڪماڻو نمائندو، (ڊپارٽمينٽل ريپرزنٽيٽوَ) جي 15 ڏينھن بجاءِ ڪل وقتي نامزدگي ڪندو. جيڪو ايف بي آر پاران پيش ٿيندو. جنھن سان ڪيسن جي التويٰ کان بچڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير قانوني اھا به تجويز پيش ڪئي ته ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ٻڌڻي بابت پروفارما سان گڏ رپورٽ تيار ڪئي ويندي . وزير قانون چيو ته  تڪرارن جي حل لاءِ ڪاميٽي جوڙي ويندي . وزارت قانون ھاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن کي نامزد ڪندي ۽ ايف بي آر نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. وفاقي وزير قانون اھا به ھدايت ڪئي ته ايف بي آر جي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ لاءِ پينل جي فھرستن تي نظر ثاني ڪندو. اجلاس ۾ اھو به فيصلو ڪيو ويو ته جن ڪيسن کي جلد حل ڪري سگھجي ٿو انھن کي فوري طور تي اُڪلايو ويندو. وزارت قانون فيڊرل بورڊ آف روينيو کي قانوني مدد به فراھم ڪندو.