اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان چيو آھي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چوڻ چاھيان ٿو ته پي ٽي آءِ جي 25 مئي تي پٽيشن کي ٻڌو وڃي، 9 مئي واقعن جي جاچ جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. 9 مئي واري واقعن تي ھن وقت تائين ڪا به انڪوائري ناھي ٿي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سي سي ٽي وي فٽيجز کي حاصل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري. جن سي سي ٽي وي فٽيجز چوري ڪيون آھن اُھي 9 مئي واري واقعي جا ذميوار آھن. ڇو جو ڪرائم جي ڄاڻ کسڻ به ڏوھ آھي. 9 مئي جي بنياد تي ھڪ سياسي جماعت کي ختم ڪيو پيو وڃي، جيڪو سڀ ڪجھ لنڊن پلان تحت ھلي رھيو آھي. اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي عمران خان جو وڌيڪ چوڻ ھو ته نوازشريف، ان جي پٽن، مريم نواز ۽ زرداري جي ڪيسن کي ختم ڪيو ويو، نواز شريف توشه خانه مان 6 لک روپين ۾ مرسڊيز گاڏي ورتي، زارداري توشه خانه مان گاڏيون ورتيون جيڪي قانون طور تي نٿيون وٺي سگھجن. ڪرپشن جي ڪتابن کي آزاد ڪيو ويو، اڄ انصاف ناھي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا واري صورتحال آھي. ھن چيو ته 8 فيبروري تي به جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي. ڌانڌلي سٽيل اليڪشن سبب صدر زرداري ۽ سينيٽ اليڪشن جي ڪا قانوني حيثيت ناھي. چونڊن ۾ اقليت کي اڪثريت ۾ تبديل ڪيو ويو. مون کي جيل ۾ رکڻو آھي ته ڀلي رکيو وڃي پر باقي ٻين ماڻھن کي آزاد ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جنھن ڌانڌلي ڪرائي اھو ڪيئن انڪوائري ڪرائي سگھي ٿو. جيئن اسرائيل دھشتگردي ڪري فلسطين تي الزام لڳائي ڇڏيندو آھي. ائين ئي 9 مئي واري واقعو ڪرائي اسان تي الزام لڳايو ويو آھي. باني تحريڪ انصاف چيو ته اسد مجيد آفيشل ميٽنگ ۾ سائفر موڪليو ھيو، ڊونلڊ لو جيڪڏھن رجيم چينج کي تسليم ڪري وٺي ھا ته ان جو دٻاءٌ پوري جوبائيڊن حڪومت مٿان اچي ھا. نيشنل سيڪيورٽي ڪمپني جي ميٽنگ ۾ اسد مجيد ڌمڪي جو ٻڌايو. ڊونلڊ ليو تسليم ڪري ھا ته جوبائيڊن جي حڪم لڏي وڃي ھا. دونلڊ لو جي بيان تي ٻيھر انڪوائري ڪرائي وڃي. آمريڪي سفير مون سان ملڻ جيل ناھي آيو، جڏھن ملاقات ٿيندي ته ڊونلڊ ليو جي بيان ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخانه جي ڪردار تي ڳالھائيندس. اصل سائفر پرڏيهي آفيس ۾ موجود آھي. اسان کي سائفر جي پيرافريز ڪاپي ڏني وئي ھئي. سائفر گم ٿيو ته وزير اعظم پنھنجي آفيس جي چوڪيدار ناھي ھوندو پر وزير اعظم آفيس جا ڪجھ سيڪيورتي پروٽوڪولز ھوندا آھن. سائفر سان پاڪستان متاثر ٿيو ڇو ان تي انڪوائري ناھي ٿي؟حڪومت ڪيرائڻ جا بينيفشري حڪومت ۾ ويھي رھيا ته انڪوائري ڪيئن ٿيندي. ھڪ ٽي وي اينڪر پھريان ئي ٻڌائي ڇڏيو ھو ته مون کي پنج فيبروري تائين سزا ڏني ويندي. مون کي پنجن ڏينھن ۾ سزا ٻڌائي وي. مان چاھيان ٿو ته منھنجي ڪيسن جي ٻڌڻي سڌي رات ھلائي وڃي. هن چيو ته رانا ثناءٌ اللھ جي بيان تي اھو ئي چوڻ چاھيندس ته مافياز ائين ئي ڪنديون آھن. اسان 8 فيبروري ورا آھيون، سياسي طور تي مقابلو ڪندا آھيون ۽ ھي مخالفن جو خاتمو ڪندا آھن. پنجاب ۾ 40 ايم پي ايز جي فاروڊ بلاڪ متعلق علم ناھي. مون کي پنجاب جي پارليماني ليڊرز سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي. ڪوشش ڪندس ته سڀاڻي پنجاب پارليماني ليڊرسان ملاقات ڪري سموري ڄاڻ حاصل ڪريان.