سنڌ ۾ نوان اسڪولي ۽ ڪاليجي استاد 5 سال اباڻي ضلعي ۾ ڊيوٽي ڪندا : قانونسازي جو فيصلو

0
42

سنڌ ۾ نوان اسڪولي ۽ ڪاليجي استاد 5 سال اباڻي ضلعي ۾ ڊيوٽي ڪندا : قانونسازي جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ تعليم کاتي پاران اسڪولن ۽ ڪاليجن جي استادن کي اباڻي ضلعي ۾ ئي مقرر ڪرڻ ۽ پنج سالن تائين ھڪ ئي ھنڌ تي مقرر ڪرڻ لاءِ قانونسازي جو فيصلو

تعليم واري وزير پاران اسڪولن ۽ ڪاليجن وارن سيڪريٽرين کي ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي ھدايت، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه استادن جي ڀرتين توڙي مقررين جي حوالي سان موجوده پاليسين جو نئين سر جائزو وٺي انھن کي اپ ڊيٽ ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ان حوالي سان سيڪريٽري  تعليم کي پي ايس ٽيز، جي اي ايس ٽيز،  ايچ ايس ٽيز ،  ايس ايس ٽيز، ڊي ٽيز،  پي ٽيز،  او ٽيز،  ڊي ٽيز سميت سمورن استادن جي ڀرتين،  مقررين ۽ بدلين بابت اڳواٽ موجود پاليسين توڙي قانونسازي جو جائزو وٺي نئون ھڪ ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي. ساڳئي ريت سيڪريٽري  ڪاليجز کي پڻ ڪاليجي استادن بابت موجود پاليسين ۽ قانونن جو جائزو وٺي ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي

ذريعن موجب ٻئي سيڪريٽري  عيد کانپوءِ الڳ الڳ ڊرافٽ تيار ڪري تعليم واري وزير کي ڏيندا، جيڪي پهريائين ڪابينا ۾ پيش ڪيا ويندا، ڪابينا جي منظوري ۽ قانون واري کاتي جي راءِ اچڻ بعد سنڌ اسيمبلي مان استادن متعلق قانونسازي ٿيندي، ذريعن موجب تعليم وارو وزير سيد سردار شاھ ڊرافٽ ملڻ بعد خانگي تعليمي بورڊن توڙي تعليمي ماھرن سان پڻ مشاورت ڪندو

نئين قانونسازي موجب استادن جي پوسٽنگ سندن ڊوميسائل واري ضلعي ۾ ئي ٿيندي، اهي استاد گھٽ ۾ گھٽ پنج سال پوسٽنگ  واري ھنڌ تي نوڪري ڪرڻ جا پابند ھوندا، ذريعن موجب ويڊ لاڪ پاليسي کي برقرار رکڻ يا ختم ڪرڻ بابت فيصلو قانون واري کاتي جي مشاورت سان ڪيو ويندو