سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي تاريخي ماڳ روهڙي لئنسڊائون پُل 135 سال مڪمل ڪري ورتا، پل جي ٻيٽ ۾ پاڪ و هند ورهاڱي کانپوءِ پهريون ڀيرو سالگره تقريب منعقد ڪئي وئي، مختصر تقريب ۾ سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي تاريخدان امداد شاھ ڳالھائيندي چيو ته ريلوي رستي جي بحالي لاءِ پُل جو بنياد 1883ع ۾ رکيو ويو، 1889 ۾ ڪم مڪمل ٿيو ۽ 27 مارچ 1889ع ۾ افتتاح ٿيو، پُل جي تعميرات دوران 6 مزدور فوت ٿيا هئا، پُل سان منسوب هو جمالو واري گيت سان هن تاريخي پُل سان تعلق ناهي، ان وقت سکر سينٽرل جيل نه هئي، باقي ڪنهن هڪ ننڍڙي ڪيس جي قيدي کان هن پُل تان انجڻ گذاري وئي هئي، جڏھن ته وڪيل سھيل ميمڻ چيوته منهنجي پٽيشن کانپوءِ پُل جي بحاليءَ ۽ مرمت وارو ڪم شروع ٿي ويو آھي پُل جي فٽ پاٿ کي اسٽيل جون ڦٽيون هڻي بحال ڪيو پيو وڃي، ڊائريڪٽر ثقافت کاتو امتياز ميمڻ چيو ته ثقافت کاتي پُل کي قومي ورثي جي حيثيت سان پنهنجي مالڪي ۾ ورتو آهي، جڏھن ته انجنئير  نويد احمد ٻڌايو ته پُل جي بحالي وارو پراجيڪٽ منظور ٿي ويو آهي ۽ ان تي ڪم به شروع ڪيو ويو آهي.