ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر جي يونين ڪائونسل غلام شاھ باگراڻي جي ڳوٺ لگدير ڪولهي ۾ 5 ٻارڙن جي پيءُ 40 ورهين جي  گهنو ڪولهي مبينا طور بيماري کان تنگ اچي  گهرن  ڀرسان بيٺل   وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.  اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب  فوتي مسڪين ماڻهون  هو جيڪو اڪثر  بيمار رهندو هو، غربت سبب علاج   ڪرائڻ کان ڪاثر هو  جنهن سبب هن انتهائي قدم کنيو.