ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر 2 مير محلا ۾ مڱڻهار پاڙي ۾ اڍائي سالن جي معصوم ٻارڙي فاطمه ڌيءَ احمد علي مڱڻهار گهر جي در ٻاهران گٽر واري نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي. وارث ٻارڙي جي مڙه کي ٽنڊوباگو تعلقه اسپتال کڻي ويا جتي ڊاڪٽرن پاران نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق کان پوءِ وارث لاش گھر کڻائي ويا.