لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي سانحو ڪاري ڏينهن طور ياد رهندو، فوجي عمارتن تي حملا ڪندڙن خلاف ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايا ويندا. ان ڏس ۾ وزيراعظم جي صدارت  هيٺ امان امان جي حوالي سان اجلاس ٿي گذريو، لاهور ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن بابت بريفنگ ڏني،  وزيراعظم وزيرن کي هدايت ڪئي ته حملو ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي، تڪڙ ۾ قانوني گھرجون نظرانداز نه ڪيون وڃن، اها ڳالهه يقيني بڻائي وڃي ته ڪنهن بي گناهه ماڻهوءَ کي ڪنهن به صورت ۾ سزا نه ملڻ گھرجي.  امن امان جي صورتحال تي اجلاس ۾ پنجاب حڪومت پاران 9مئي واقعن تي بريفنگ ڏني وئي،  وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ نگران وزيراعليٰ پنجاب ۽ سيڪيورٽي عملدارن شرڪت ڪئي پنجاب حڪومت پاران 9مئي واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي قانون جي پڪڙڻ ۾ آڻڻ بابت بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته ڪنهن بيگناهه سان زيادتي نه ٿيندي ڪو به ڏوهاري سزا کان بچي نه سگهندو ان کان اڳ وزيراعظم جي صدارت ۾ نواز ليگ جي اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اعظم نذير تارڙ، مصدق ملڪ، عطا تارڙ، سليمان رفيق ۽ ٻيا موجود هئا اجلاس ۾ معاشي، سياسي ۽ قانوني معاملن جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ليگل ٽيم سان سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيسن تي مشاورت ڪئي وئي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير قانون اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيسن تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9مئي تي عمران جي حڪم تي جٿن دهشتگردي ڪئي بدقسمتي سان هنن اهو ڪم ڪيو جيڪو دشمن به نه ڪري سگهيو. اجلاس بعد وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عمران خان جي جٿن ڪورڪمانڊر هائوس تي حملو ڪيو دشمنن جي ايچ ڪيو ۽ ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم چيو ته سولين عمارتن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن جا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلايا ويندا ۽ فوجي عمارتن تي جيڪي حملا ڪيا ويا آهن اهي ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا.  وزيراعظم چيو ته نوَ مئي وارن واقعن جي رٿابندي ڪندڙ به قانون جي پڪڙ کان نه بچي سگهندا، ڀڙڪائڻ، نعرا لڳائڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ڪو شخص نه بچندو. وزيراعظم چيو ته قائد اعظم ريزيڊنسي کي ساڙيو ويو، جناح هائوس جي حرمت کي پائمال ڪيو ويو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته تحريڪ طالبان جي ايچ ڪيو تي حملو ڪيو ۽ هن ملڪ جي بدقسمتي آهي ته پي ٽي آءِ جي ورڪرن به جي ايچ ڪيو تي حملو ڪيو ۽ ريڊيو پاڪستان پشاور کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ملڪ ۾ بي شمار خوفناڪ واقعا ٿيا جيڪي هميشه لاءِ قوم جي ذهنن کي تڪليف ڏيندا رهندا. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هي ڪو مذاق ناهي جو ايئرفورس جي ملڪيتن تي حملو ٿئي ۽ اربين رپين جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو وڃي، عمران نيازي جا جٿا ميانوالي پهچي انهن هوائي جهازن کي جيڪي دشمن خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ قوم جي پگھر جي پيسي مان خريد ڪيا ويا هئا انهن کي ساڙڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪن. وزيراعظم چيو ته اڄ هر محب وطن ڏکارو آهي. هن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس، آءِ بي، نادرا، سي ٽي ڊي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت ۽ سيف سٽي جو ڪردار تعريف جوڳو رهيو. هن آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي ته شرپسندن کي جلد گرفتار ڪري سندن ڪيسن کي انجام تي پهچايو وڃي. ڪيسن جي اڳڀرائي کي ڪلاڪن پيران مانيٽر ڪيو وڃي.