سرينگر / نئين دهلي (م ڊ) ترڪي، سعودي، مصر، يو اي اي ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ رٿيل جي 20 اجلاس ۾ شرڪت لاءِ رجسٽريشن ڪنفرم ناهي ڪرائي. ان کان اڳ چين به جي 20 اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري چڪو آهي. اڄ 20 ورڪنگ گروپ جو ٽن ڏينهن وارو اجلاس شروع ٿي رهيو آهي. ٻئي پاسي ڪشمير ميڊيا سروس موجب جِي 20 اجلاس جي ڪري اڄ ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسي هڙتال رهندي.