راولپنڊي / پشاور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) حڪومت ۽ پاڪ فوج پاران سڄي ملڪ ۾ شهيدن جي عظمت جوو ڏهاڙو ملهايو ويو، وزيراعظم پاران پشاور ۾ ساڙيل ريڊيو پاڪستان جي عمارت جو دورو ڪيو ويو،  جڏهن ته آرمي چيف پوليس لائن اسپتال جو دورو ڪيو، بعد ۾ وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاڪ فوج جي شهيدن جي قبرستان پهچي يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري ۽ گل رکيا.  وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو چوڻ هو ته 9 مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۾ ڪو به فرق ناهي، واقعن جي ذميوارن کي قوم نه معاف ڪندي. ان ڏس ۾  شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي جي حوالي سان آرمي چيف جنرل عاصم منير پوليس لائين اسلام آباد جو دورو ڪيو، هن اسلام آباد پوليس جي آفيسرن، جوانن، پوليس جي شهيدن پونئرن کي خطاب ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف چيو ته شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ سندن وقار کي مجروح ڪندڙن کي نه قوم معاف ڪندي نه ئي وساريندي.  آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته جيڪو ڪجهه نوَ مئي تي ٿيو، اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت هو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر آرمي چيف چيو اهڙي عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو، فوج، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رياست جي علامت آهن. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مُلڪ جي وقار خاطر ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا، پاڪستاني قوم شهيدن، سندن قابل احترام خاندانن ۽  فوج سان گڏ آهي ۽ رهندي. هوڏانهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي به شهيدن جي لازوال قربانين کي مجروح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستاني قوم شهيدن ۽ سندن قابل احترام خاندانن جي هميشه قرضي رهندي. شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهيد سندن فخر هئا، آهن ۽ سدائين رهندا، اڄ سڄي قوم لاءِ هر شهيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان جا شهيد سندن هيروز ۽ ملڪ جو عظيم اثاثو آهن، شهيدن جون لازوال قربانيون وطن جي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهنديون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن به پاڪستان جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ٻئي پاسي  وزيراعظم شهباز شريف پشاور ۾ ريڊيو پاڪستان جي عمارت جو دورو ڪيو، جتي ڊي جي ريڊيو پاڪستان وزيراعظم کي 9 مئي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم 48 ڪلاڪن ۾ ريڊيو پاڪستان پشاور جي ملازمن کي رهتون ڏيارڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۾ ڪو به فرق ناهي، کين سزا ضرورت ملندي، تاريخي ۽ قومي ورثي کي ساڙڻ ڪٿان جي حب الوطني آهي. وزيراعظم چيو ته ريڊيو پاڪستان پشاور جي هن عمارت مان 14 آگسٽ 1947ع تي آزادي جون صدائون بلند ٿيون هيون ۽ مملڪت خداداد جي آزادي جو اعلان ڪيو.  9 ۽ 10 مئي تي شرپسندن ريڊيو پاڪستان پشاور جي تاريخي رڪارڊ کي باهه ڏني، چاغي جي يادگار کي باهه ڏئي شرپسندن پنهنجي تاريخ کي ساڙي ڇڏيو، تاريخي اثاثن کي باهه ڏيڻ حب الوطني نه ملڪ دشمني آهي.  وزيراعظم چيو ته نوَ ۽ ڏهه مئي وارن دل ڌوڏيندڙ واقعن پاڪستاني عوام کي ڪاوڙائي ڇڏيو، تاريخي ۽ قومي ورثي کي باهه ڏيڻ ڪهڙي حب الوطني آهي؟. هن چيو ته شهيدن جي يادگارن کي نقصان پهچايو ويو، قومون پنهنجي تاريخي ورثي ۽ سڃاڻپ جي حفاظت ڪنديون آهن پر هتي انهن کي باهيون ڏنيون ويون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سئو سالن جو رڪارڊ ۽ تاريخي ورثو تباهه ڪيو ويو، جنهن به اِهو شرم جوڳو ڪم ڪيو آهي انهن دشمنن ۾ ڪو فرق ناهي. هن چيو ته نوَ مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۾ ڪو فرق ناهي، شرپسندن کي قانون ۽ آئين پٽاندڙ سزا ضرور ملندي. جڏهن ته سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته مان 9 مئي جي المناڪ واقعن کي صرف اهڙي احتجاج جيڪو بعد ۾ مشتعل ٿيو جي طور تي نه ڏسي رهيو آهيان پر ان جي منصوباندي ڪندڙن جا ارادا ناپاڪ ۽ خطرناڪ هئا، پوري قوم لاءِ غم ۽ غصي جو سبب بڻجندڙ انهن شرمناڪ واقعن جي پويان هڪ اهڙي سوچيل سمجهيل منصوبابندي هئي جنهن تحت ڪجهه طاقت جي حوس جي شڪار ماڻهن جي مرضي تي اهڙا قابل مذمت قدم کنيا ويا جن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، رياستي علامتن، حساس تنصيبن، شهيدن جي يادگارن تي حملن سان شرپسندن نظريه پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي خوش ڪيو، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي عزت جي حفاظت ڪرڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿي، 9 مئي جي المناڪ ۽ دل ڏڪائيندڙ واقعن پوري قوم جون اکيون کولي ڇڏيون آهن، اسان کي اهڙن ماڻهن جيڪي پاڪستان جي بنيادن کي کوکلو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن انهن جي نشاندهي ڪري انهن کي بي نقاب ڪرڻو آهي، 9 مئي جي واقعن پاڪستان جي محاظن، ان جي ترقي لاءِ محنت ڪندڙن ۽ ملڪ جون جڙون کوکليون ڪندڙن وچ ۾ فرق کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، اڄوڪو ڏينهن شهيدن جي عزت ۽ انهن جي احترام جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي، شهيدن ۽ عوام جي وچ ۾ روحاني رشتي جي ڪري پاڪستان جو وجود قائم آهي، پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ 20هين صدي جو هڪ معجزو آهي جنهن جي قيمت شهيدن پنهنجي خون سان ادا ڪئي آهي، اسان لک ڀيرا چاهيون پنهنجي شهيدن جو قرض نه ٿا چڪائي سگهون، “شهيد ڪي جو موت هي وه قوم ڪي حيات هي، لهو جو هي شهيد ڪا وه قوم ڪي زڪوات هي”.  بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير آرمي قبرستان ۾ شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري.  شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته هڪ ليڊر جي ورغلائڻ تي شهيدن جي بي حرمتي ڪئي وئي، شهيدن جي بي حرمتي ڪندڙ قوم جا مجرم آهن پر پاڪستان اڄ محفوظ هٿن ۾ آهي.