نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) عام طور تي مرد هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندا آهن پر هڪ عورت پاران 9 شاديون ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهو واقعو ڀارتي رياست تلنگانا جي ضلعي محبوب آباد ۾ پيش آيو آهي جتي سواپنا ڪرانتي نالي عورت 9 ڄڻن سان شاديون ڪيون آهن پر سندس ڪنهن مڙس کي ان جي خبر ئي نه هئي ۽ سڀ ڌار ڌار رهندا هئا. اوچتو سواپنا جي هڪ مڙس کي ٻڙڪ پئي ته هن فوري طور کانئس ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو پر سواپنا وري اهو معاملو پوليس وٽ کڻي آئي ۽ مڙس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيائين جڏهن ته ٿاڻي اچي احتجاج به ڪيائين. همراهه پوليس کي سواپنا جي ٻين 8 شادين جي حقيقت ٻڌائي ته پوليس وارا به حيران ٿي ويا. في الحال پوليس سواپنا کي گرفتار ناهي ڪيو پر پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪري رهيا آهيون.