برازيليا (انٽرسٽنگ نيوز) پُتلي سان شادي ڪندڙ برازيلين عورت ماءُ بڻجي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب ميريوون روچا نالي هڪ برازيلين عورت ٻڌايو ته هوءَ رگ ڊول (پُتلي) جي محبت ۾ گرفتار ٿي ساڻس شادي ڪئي هئي. عورت ٻڌايو ته سندس ماءُ هن پُتلي کي ان وقت ٺاهيو هو جڏهن مان شڪايت ڪئي هئي ته مان اڪيلي آهيان ۽ مون سان گڏ ڪير نچڻ وارو ناهي. ريچا موجب ماءُ جو ٺاهيل پتلو جيئن ئي ڏٺم ته ساڻس محبت ٿي وئي ۽ پوءِ پتلي کي ئي جيون ساٿي بڻايم. عورت اعتراف ڪيو ته سندس مڙس ۾ کوڙ خوبيون آهن پر رڳو هڪڙو نقصان آهي ته هي سست آهي. جوڙي 21 مئي تي پنهنجي هڪ ٻار (اهو ٻار پاڻ به پتلو ئي آهي) جي آجيان ڪئي آهي. عورت جو چوڻ آهي ته مون کي ڪاوڙ ايندي آهي جڏهن ماڻهو منهنجي ڪٽنب کي ڪوڙو چوندا آهن.