ممبئي (شوبز نيوز) ايران ڄائي بالي ووڊ اداڪارا مندانا ڪريمي برقعي ۾ ڊانس جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ تنقيد جي ور چڙهي وئي. رئيليٽي شو بگ باس جي سيزن 9 جي ڪنٽسٽنٽ مندانا ڪريمي بالي ووڊ ۾ پنهنجي بولڊ سين شوٽ جي ڪري خبرن جي زينت بڻجندي رهندي آهي پر تازو ئي مندانا جي شاپنگ مال ۾ برقعو پهري رقص ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي. وڊيو اداڪارا پاران سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي جنهن جي ڪيپشن ۾ مندانا ڪريمي لکيو هو ته”ڪاش برقعي ۾ شوٽنگ به ايتري سولي هجي ها جيتري بي ٽي ايس ۾ آهي، مون کي برقعي کان نفرت ناهي پر برقعي ۾ فلم ٺاهڻ وارن کان آهي. وڊيو وائرل ٿيڻ تي اداڪارا سوشل ميڊيا تي تنقيد جو شڪار ٿي وئي جنهن ۾ واهپيدارن هن جي بيان کي مسلم عورتن جي بي عزتي ۽ ناڪاري تاثر پکيڙڻ جي ڪوشش قرار ڏئي ڇڏيو. ان کانپوءِ اداڪارا تنقيد ڪندڙ واهپيدارن کي انسٽا اسٽوري ذريعي جواب ڏنو جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته مان پنهنجي برقعي جي وڊيو تي ٿيندڙ تبصرا پڙهيا آهن، ماڻهو چريا آهن پر مان يوني ڪورن بڻجڻ چاهيان ٿي.