ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ آسٽريليا وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ آسٽريليا سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. سيريز ۾ اڳ ئي سريلنڪا کي فيصلائتي برتري حاصل هئي. ان سلسلي ۾ سريلنڪن ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 43.1 اوورن ۾ 160 رنز تي ڍير ٿي وئي. چميڪا ڪرونارتني 75 ۽ ڪوسل مينڊس 26 رنز ٺاهي نمايان رهيا. آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ، پيٽ ڪمنز ۽ ميٿيو 2-2 وڪيٽون ورتيون. آسٽريليا 6 وڪيٽن جي نقصان تي هدف 39.3 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو. ايليڪس ڪيري 45 رنز ٺاهي نمايان رهيو. واضح رهي ته 5 ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز ۾ پهريان ئي سريلنڪا کي فيصلائتي برتري حاصل هئي. ون ڊي سيريز سريلنڪا 2-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.