لاهور(م ڊ) عمران خان جي اعلان بعد پي ٽي آءِ هڪ آڊيو رليز ڪئي آهي جنهن ۾ رانا ثناءُ جي مبينا طور اليڪشن ڪميشن جي عملي سان ڳالهه ٻولهه شامل آهي جنهن ۾ رانا ثناءُ الله چئي رهيو آهي ته اسان کي 9 تڪن ۾ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو ليٽر ٽائپ ڪرائي ڏيو اهو پارٽي قيادت ڏانهن اماڻينداسين جنهن بعد توهان ان جو اعلان ڪري ڇڏجو. آڊيو ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته اليڪشن ڪمشنر چوي ٿو ته اسان نوٽنگ ڪري سڄو ٽائپ ڪري حڪمنامو توهان کي ڏيکارينداسين، سندس ڳالهه ڪٽيندي رانا ثناءُ الله چوي ٿو ته توهان ٽائپ ڪرائي اسان کي ڏنو اسان اهو پنهنجي پارٽي قيادت کي ڏيکارينداسين، ڳالهه ٻولهه ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جو به ذڪر ڪيو ويو، راڻا ٿناءُ الله چوي ٿو اسان جي اڄ گڏجاڻي آهي پوءِ توهان کي پنجن کي ٻڌائڻو آهي انهن 30 مان ڪنهن جي استعيفا قبول ڪرڻي آهي، ان موقعي تي اياز صادق چوي ٿو ته اسان شارٽ لسٽ ڪري توهان کي ڏينداسين  ۽ توهان لنڊن مان منظور ڪرائي وٺجو.