لاهور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان کي عمران خان هٿان تباهه ٿيل پاڪستان مليو، خان جي حڪومت وڌيڪ هلي ها ته اسان مهانگائي بدران ملڪ لاءِ روئون ها. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ذريعي سياست کانپوءِ معاشي عدم استحڪام آندو ويو، ان عدم استحڪام ۾ عالمي ادارا شامل آهن. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي آزادي جي نالي تي آءِ ايم ايف حوالي ڪيو، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر نه وزيراعظم کي جوابده آهي نه پارليامينٽ کي. سندس چوڻ هو ته عمران خان نعرا هڻڻ ۽ عوام کي چريو بڻائڻ جي پاليسي تي هلي رهيو آهي، عمران خان اسان کي غلام بڻائي هٿ پير ٻڌي ڇڏيا آهن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته سڄي دنيا جي معيشت جو ڪاٿو آمريڪا وٽ آهي، چين مقابلو ڪري رهيو آهي، پاڪستان معيشت ۾ دنيا جي ڪنهن به نمبر تي موجود ناهي. فضل الرحمان چيو اسان جي سوچ واضح آهي ته ملڪ کي بهتري ڏانهن ڪيئن وٺي وڃون، الله جو شڪر آهي ته ملڪ بهتري ڏانهن وڃي رهيو آهي.