اسلام آباد (بيورورپورٽ) وفاقي وزير احسن اقبال تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته نارووال اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس کي تباهه ڪرڻ تي عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس. اسپورٽس ڪامپليڪس جي بحالي لاءِ ڪيل واڌو خرچ عمران خان ۽ نيب کان ڪڍرائينداسين. هن چيو ته عمران خان 4 سالن دوران پاڪستاني معيشت کي بم ٻڌي ويو آهي. معيشت کي لڳايل عمران حڪومت جي بارودي سرنگن کي اسان کي صاف ڪرڻو آهي.