ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي جي ميونسپل  ٽيڪس جي ڪي اليڪٽرڪ  جي بجلي بلن ذريعي وصولي روڪي ڪنهن ٽئين ڌر ذريعي ڄاڻايل ٽيڪس وصول ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ڪي ايم سي جو ميونسپل  ٽيڪس وصول ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي عدالت چيو ته ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته ميونسپل ٽيڪس نئون ناهي، اهو ٽيڪس انهي کان اڳ به ٽئين ڌر ذريعي وصول ٿيندو رهيو آهي،  عدالت چيو ته ايڊمنسٽريٽر موجب ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي تي ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدو ڪيو ويو، عدالت چيو ته صوبائي حڪومت اڳ ئي ڪراچي جي شهرين کان پراپرٽي ۽ موٽر وهيڪل ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سوال ڪيو  ته ٻڌايو وڃي ته ڪي ايم سي جي ٽيڪس وصولي جي اختيارن جو دائرو ڇا آهي؟ جنهن تي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي آهي، جنهن ڪري ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي 10 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وڃي ٿي،  ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪي اليڪٽرڪ شهرين کان ڪي ايم سي جو ٽيڪس وصول نه ڪندي. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پيش ٿي ٻڌايو ته ڄاڻايل ٽيڪس 50 رپين کان 200 رپيا ماهوارآهي، عدالت کي استدعا آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي ڄاڻايل ٽيڪس جي وصولي کان نه روڪيو وڃي جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي جهڙي طرح  وصولي ڪرڻي آهي، ڀلي  ڪريو پر ڪي اليڪٽرڪ ذريعي نه ڪريو، جيڪي صارفين ميونسپل ٽيڪس ادا نه ڪن، انهن جي بجلي به نه ڪاٽي وڃي. عدالت وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل ٽيڪس نارمل طريقي سان وصول ڪيو وڃي پر ڪي اليڪٽرڪ ذريعي نه ڪيو وڃي. عدالت پڇيو ته ڄاڻايل ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ئي ڇو وصول ڪيو پيو وڃي؟  ڪي ايم سي جو پنهنجو ڪو ريڪوري سيل هجي ته اهو ڄاڻايل ٽيڪس جي وصولي ڪري، جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي واسي ڪي اليڪٽرڪ تي ڪاوڙيل آهن، هاڻ ته ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏين ۾ ڪچرو به اڇلايو پيو وڃي. ِ ڇا ٽيڪس وصولي لاءِ رڳو ڪي اليڪٽرڪ رهجي وئي آهي؟ جنهن تي مرتضيٰ وهاب چيو ته 2008ع کان مونسپل ڪنسروينسي ٽيڪس لاڳو ٿيل آهي،اسان ٽيڪس وصولي جي ڪوشش ڪئي هئي پر ڪامياب نه ٿي سگهياسين. عدالت مرتضيٰ وهاب کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪراچي مان وصول ٿيندڙ پراپرٽي ۽ موٽر وهيڪل ٽيڪس مان  شهر کي ڪيترو حصو ملي رهيو آهي؟ جنهن تي مرتضيٰ وهاب چيو ته موٽر وهيڪل ٽيڪس بابت حڪومت سان ڳالهائي رهيو آهيان، عدالت پڇيو ته دڪانن ۽ بينڪن تي لڳل سائن بورڊن جا پئسا ڪير وصول ڪري رهيو آهي؟  ڇا انهي جي ڪا ڊيٽا موجود آهي؟. عدالت پڇيو ته ميونسپل ٽيڪس وصول ڪرڻ کانپوءِ توهان شهرين کي ڇا ڏيندا؟ جنهن تي مرتضيٰ وهاب جواب ڏنو ته روڊ، انڊر پاس، پليون وغيره ٺهنديون، جنهن تي عدالت چيو ته اوهان اهو سڀ عوام جي پئسن مان ڪندا؟ مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر جي 209 روڊن جي سار سنڀال لهڻ ڪي ايم سي جي ذميواري آهي. ان موقعي تي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ڪراچي شهر وفاق ۽ صوبي کي ججها پئسا ڏئي رهيو آهي پر موٽ ۾ ڪراچي کي ائين پئسا ڏنا ويندا آهن ڄڻ خيرات ڏني ويندي آهي. عدالت  چيو ته پراپرٽي ۽ وهيڪل ٽيڪس جو 20 سيڪڙو به شهر تي لڳايو وڃي ته ميونسپل ٽيڪس جي ضرورت ناهي. جسٽس حسن اظهر رضوي وڌيڪ چيو ته شهر جا روڊ ٽٽل آهن، سيوريج جو نظام تباهه آهي، اسٽريٽ لائيٽس نه هجڻ ڪري ڦرلٽ ٿي رهي آهي. بنا ڪا سروس ڏيڻ جي ٽيڪس ڪيئن وصول ڪندو؟ جنهن تي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي جو ٽيڪس نئون ناهي، انهي جي ڪي اليڪٽرڪ ذريعي وصولي کان روڪيو نه وڃي،  ايندڙ ٻڌڻي تي سمورا تفصيل پيش ڪندس، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته جيڪڏهن سمورا ڪم اوهان ڪندا ته پوءِ سنڌ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ جنهن تي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت به ڪم ڪري رهي آهي. عدالت 10 آڪٽوبر تائين  ڪي اليڪٽرڪ  کي ڪي ايم سي جو ٽيڪس وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.