راولپنڊي (م ڊ) 9 مئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي 13 ڪارڪنن کي آزادي ماڻڻ کان پوءِ راولپنڊي پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ضمانت منظور ٿيڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. آزادي ماڻڻ کان پوءِ ڪارڪنن کي اڊيالا جيل جي گيٽ 3 نمبر ٻاهران گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدارن کي 16 ايم پي او حڪمن جي تحت گرفتار ڪيو ويو. ايم پي او جا حڪم راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمشنر جاري ڪيا هئا. جوابدار حساس اداري جي آفيس جي گيٽ تي حملي جي ڪيس ۾ نامزد آهن. جن ۾ اسد، ابرار، رضوان، احمد علي، سجاد، آصف، رضوان ۽ سهيل شامل آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ 5 جڏهن ته دهشتگردي جي انت واري عدالت 19 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي هئي.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 9 مئي تي حساس ادارن جي آفيس تي حملي جي جوابدارن جي ضمانت جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آھي ته جوابدارن تي الزام عمومي نوعيت جا آھن. جوابدارن ڪنھن ٻئي ڪيس ۾ گھربل ناھن ته انھن کي آزاد ڪيو وڃي. عدالت فيصلي ۾ لکيو آھي ته خوش قسمتي سان ڀڃ ڊاھه واقعن ۾ ڪو زخمي ناھي ٿيو ۽ نه ئي جوابدارن وٽان ڪي ھٿيار برآمد ٿيا آھن. ڀڃ ڊاھه ۾ جوابدارن جي ڪردار جي وڌيڪ جاچ گھربل آھي. ٽرائل ڪورٽ شاھديون رڪارڊ ڪري جوابدارن کي ذميواري جو تعين ڪري سگھي ٿي. اھڙيون شاھديون ناھن ته جوابدارن کي اڻڄاڻايل مدي تائين حراست ۾ رکي سگھجي. درخواستگذار جوابدارن پھريان ئي گذريل سال 10 مئي کان گرفتار آھن. سمورن پنج جوابدارن جي پنجاھه پنجاھه ھزار رپين جي مچلڪن عيوض عدالت ضمانت منظور ڪري ورتي.