ڪراچي (م ڊ) اسٽيٽ بينڪ پرڏيهي ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا ختم ٿيڻ  وارين رپورٽن کي رد ڪندي چيو آهي ته ملڪي بينڪن ۾ نه آمريڪي ڊالر ختم ٿي رهيا آهن ۽ نه ئي وري مرڪزي  بينڪ درآمدي ادائگيون روڪيون آهن، اسٽيٽ بينڪ وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته هن وقت پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 8.99 ارب ڊالر آهن، جنهن ۾ سون جا ذخيرا شامل ناهن، اسٽيٽ بينڪ درآمدي ادائگيون ناهن روڪيون، جڏهن ته ڪمرشل بينڪن وٽ پرڏيهي  ادائگين لاءِ ڊالر جو گهربل تعداد موجود آهي، اسٽيٽ بينڪ چيو ته هلندڙ مهيني دوران انٽربينڪ مارڪيٽ ذريعي 4.7 ارب ڊالرز جي ادائگي ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بينڪ جي ترجمان عابد قمر چيو ته اسٽيٽ بينڪ بينڪن کي درآمدي ادائگين کان ناهي روڪيو، ڪالهه به  20 ڪروڙ ڊالرز جون ادائگيون ڪيون ويون آهن، هن وڌيڪ چيو ته ايل سيز کولڻ يا ڪجهه خاص قسم جي درآمد جهڙي ريت ڪارن، سي ڪي ڊي، سيلز فونز ۽ مخصوص قسم جي مشينري لاءِ معاهدن جي رجسٽريشن کان اڳ اسٽيٽ بينڪ جي اڳواٽ منظوري جي ضرورت آهي، اهي هدايتون هاڻ نه پر 20 مئي کان جاري ڪيون ويون هيون. اسٽيٽ بينڪ جي پڌرائي موجب روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ 57 ملين ڊالرز جمع ڪرايا ويا، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع رقم 4.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿي وئي آهي،