اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ساڍا 7 سالن کان پوءِ پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس تي دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ درخواستگذار اڪبر ايس بابر جي معاشي ماهرن اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ فنڊنگ ۾ آڊٽ جي اصولن ۽ معيار کي نظر انداز ڪيو، ڊونر ٿرڊ پارٽي ناهي، پي ٽي آءِ قيادت پاران پنهنجون ٺاهيل اهي ڪمپنيون آهن، درخواستگذار اڪبر ايس بابر جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن دلچسپي نه وٺي ها ته اسڪروٽني اڃا وڌيڪ 4 سالن تائين هلي ها، سياسي پارٽين کي جوابده بنائڻ لاءِ هي بهترين موقعو آهي، هن ڪيس پويان منهنجو ڪو ذاتي مقصد نه هو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته ٻنهي ڌرين جو ٿورائتو آهيان، تمام گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو، قومي مفادن جو مامرو آهي، تمام جلد ٻين پارٽين جا ڪيس به فائنل ٿيندا، يقيني بڻائينداسين ته ڪنهن سان به امتيازي سلوڪ نه ٿئي، هن چيو ته ملڪ لاءِ جمهوريت سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي جنهن کي مضبوط بنائڻو آهي، ووٽر جو اعتماد بحال ڪرڻ ضروري آهي، سڀني سان انصاف کي يقيني بڻائينداسين، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس جيڪو نومبر 2014 کان اڪبر ايس بابر جي درخواست تي هلي رهيو هو ان تي دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، فنڊن جي جاچ پڙتال لاءِ قائم اسڪروٽني ڪاميٽي 4 جنوري تي حتمي رپورٽ پيش ڪئي هئي، اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته تحريڪ انصاف کي يورپي ۽ وچ اوڀر جي ملڪن کانسواءِ آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيا ۽ ٻين ملڪن کان فنڊ مليا، پي ٽي آءِ 31 ڪروڙن جي رقم ظاهر نه ڪئي، 2008ع کان 2013ع تائين 14 بينڪ اڪائونٽس لڪايا ويا.