ڪراچي: سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته  هڪ ايم پي اي پاران ٺٽي ۾خراب بيٺل هڪ ايمبولينس جي وڊيو سوشل ميڊيا تي هلائي پئي وڃي، جنهن ۾ صحت کاتي بابت منفي تاثر قائم ڪيو پيو وڃي، ايوان ۾ وضاحتي بيان ڏيندي هن چيو ته ميڊيا غلط شين جي نشاندهي ڪري پر بي بنياد ڳالهيون ڦهلائڻ کان پاسو ڪري، هن چيو ته صحت کاتي جون 25 ايمبولينس 10 کان 15 سال پراڻيون آهن، اهي استعمال ڪرڻ سان وچ رستي تي بيهي رهن ته سنگين صورتحال ٿي سگهي ٿي،  اسان انهن ايمبولينسن مارچري وين ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون  جيڪي لاش کڻڻ لاءِ استعمال ٿينديون، هر ضلعي ۾ هڪ مارچري وين رکنداسين.