ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻه پاڪستان نه ٺاهيا وڃن، مون اڳ ئي چيو هو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني ( ايس آءِ ڊي سي ايل) نه ٺاهيو، وفاق سنڌ جي حقن تي ڌاڙا نه هڻي، 70 سيڪڙو پئسا سنڌ مان وفاق ڏانهن وڃن ٿا ، جڏهن ته وفاقي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ کي سڀني صوبن کان پوئتي رکيو ويو آهي، بحريه ٽائون خلاف ڌرڻي ۾ ملڪ خلاف تقريرون ٿيون، روڊ بلاڪ ڪرڻ جي اجازت نه هئي، سي سي ٽي وي فوٽيجز ڏسون پيا، جيڪي ملوث هوندا، انهن خلاف ئي ڪارروائي ٿيندي، بي گناهه ماڻهن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿيندي. وزير اعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ سرڪار کان صلاح مشورا ڪرڻ بنا نئين ڪمپني ايس آءِ ڊي سي ايل ٺاهي پي ايس ڊي پي ۾ رقم به رکي وئي، مون وزيراعظم کي 17 صفحن تي مشتمل خط لکي چيو ته سنڌ کي به پاڪستان جو حصو سمجهي سنڌ کي وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ نظر انداز نه ڪيو وڃي، اسان چئون ٿا ته ڀلي خرچ اوهان ڪريو پر سنڌ سان مشورو ته ڪريو، هن مختلف اسڪيمن جو حوالو ڏيندي چيو ته يوسي سطح تي ناليون ٺاهڻ واريون اسڪيمون سنڌ جي حصي ۾ شامل ڪيون ويون آهن، وزيراعظم کي ڪهڙي خبر ته گٽر نالي جي حالت ڇا آهي؟ وڏن منصوبن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مون لکيل خط ۾ به چيو هو ته سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني نه ٺاهيو، اُن کي برداشت نه ڪنداسين، وفاقي سرڪار 2 پاڪستان نه ٺاهي، قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيو ويو ته وفاق جي پئسي تي سنڌ جِي چوڌرائپ هلڻ نه ڏني ويندي، اسڪيمون سنڌ حڪومت کي نه پر صوبي جي عوام کي سڌي ريت ڏنيون وينديون، جنهن تي مون چيو ته 70 سيڪڙو ناڻو سنڌ مان ئي وڃي ٿو، پنجاب ۽ ڪي پي جيان سنڌ حڪومت به عوام جي نمائندگي ڪري ٿي، ڇا نوان قانون رڳو سنڌ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن؟ وزيراعظم صوبن جي يوسيز ۾ رستا، ناليون ۽ اوطاقون ٺاهيندئو ته اها سٺي ڳالهه ناهي. وڏي وزير چيو ته خط لکڻ کانپوءِ سنڌ جا خدشا ختم ڪرڻ بدران وڌيڪ نقصان ڏنو ويو، بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ نيون اسڪيمون نه رکيون ويون، وفاق کي آخري ڀيرو لکيل خط ۾ چيو هو ته لڳي ٿو ته ٻوڙن سان ڳالهائي رهيا آهيون، هاڻي ته خط لکڻ به ڇڏي ڏنو آهي، ڦَٽن تي لوڻ ٻُرڪَڻ ڪير وفاق کان سِکَي، بجيٽ جِي اسڪيمز تي اڄ اختلافي نوٽ وفاق ڏانهن اُماڻيو ويندو. هن چيو ته جڏهن کان وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي آهي ته سنڌ سان تعصب وارو رويو رکيو پيو وڃي. اقتصادي رابطا ڪائونسل واري اجلاس ۾ مون ۽ نثار کهڙي ڪيس رکيو ته هيءَ ڪائونسل ملڪي وسيلن بابت صحيح ڪَٿ لڳائڻ لاءِ جڙيل آهي پر ان جا آئيني طور گھربل اجلاس ناهن ٿيا پر اسان جي اتي ڳالهه نه ٻڌي وئي. وڏي وزير چيو ته 2018ع کان موجوده مالي سال تائين وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ هر سال سنڌ جو حصو گھٽجندو پيو وڃي. هن چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ 824.55 ارب رپين جون اسڪيمون رکيون ويون آهن، جن ۾ پنجاب لاءِ 22 اسڪيمون آهن، جڏهن ته سنڌ لاءِ صرف 46 ارب رپين جون ٻه اسڪيمون آهن ، جن تي هن سال صرف 7 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير مختلف ترقياتي اسڪيمن جا حوالا ڏيندي چيو ته سنڌ لاءِ گذريل سال به جيڪي اسڪيمون رکيون ويون، انهن لاءِ پئسا رليز نه ٿيا. هن چيو ته پاڻي وسيلن جي حوالي سان ڪي 4 منصوبي لاءِ 26 ارب رپيا رکيا ويا آهن پر مون کي ڳڻتي آهي ته هن سال به اهي پئسا وفاق خرچ نه ڪندو. هن چيو ته يونين ڪائونسل سطح جي مختلف اسڪيمن لاءِ  جيڪا رقم رکي وئي آهي، اها سنڌ سرڪار کي ڏني وڃي ها پر وزيراعظم پنهنجي نمائندن جي دٻاءَ ۾ اچي جيڪي اسڪيمون ڏنيون آهن، اهي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهن. وڏي وزير وفاقي ترقياتي پروگرامن ۾ سنڌ لاءِ رکيل اسڪيمن ۽ رقم جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪي پي ڪي ۽ فاٽا  کي 535.26 ارب رپيا ڏنا ويا آهن، 22-2021 لاءِ 41.25 ارب رپين جا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن. بلوچستان کي 355.47 ارب رپين جون 15 اسڪيمون ڏنيون ويون آهن ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ 24.1 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. مراد علي شاهه چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي ڏنل اسڪيمون تمام گھٽ ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي، 14 ارب جي سيوهڻ- ڄامشورو روڊ واري رٿا جا 50 سيڪڙو سنڌ حڪومت اپريل 2017ع ۾ ڏنا هئا پر اڃا تائين روڊ مڪمل ناهي ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ روزانو سنگين حادثا ٿي رهيا آهن، هن ٻڌايو ته فنانس ڊويزن لاڳاپيل صوبائي حڪومتن ذريعي پنهنجي اسڪيمن تي عملدرآمد ڪندي آهي، ايندڙ مالي سال 22-2021 ع لاءِ فنانس ڊويزن پنجاب کي 86.6 ارب رپين جون 14 اسڪيمون ڏنيون آهن، جنهن لاءِ 22-2021 ۾ 15.06 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.  وڏي وزير چيو ته هائوسنگ ۽ ورڪس ڊويزن 21-2020 دوران پنجاب ۾ 29.29 ارب رپين جون 14 اسڪيمون شروع ڪيون جن مان پنجاب ۾ 3.7 ارب رپيا رکيا ويا،سنڌ ۾ 11.46 ارب رپين جي 18 اسڪيمن لاءِ 8 ارب رپيا رکيا ويا. مراد علي شاهه چيو ته هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن وفاقي راڄڌاني ۽ صوبن ۾ پاڪ پي ڊبليو ڊي ذريعي وفاقي سرڪاري عمارتن جي تعمير جو ذميوار آهي. هائوسنگ ڊويزن واري پورٽ فوليو مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اها پنجاب ۽ بلوچستان ۾ دريائن ۽ روڊن تي پليون تعمير ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ انهن جون اهي اسڪيمون هيون جيڪي اڳواٽ ئي پي ايس ڊي پي 21-2020 ۾ هيون.  وڏي وزير چيو ته بحريه ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ ۽ کين ڀڙڪائيندڙن خلاف ايڪشن کنيو ويندو، رڳو غريب ڪارڪن پڪڙ ۾ نه ايندا، بحريه ٽائون کي هنگامو ڪرائڻو هُجي ها ته سي سي ٽي وي ڪيميرائون کليل ڇو رکي ها؟، اسان وٽ ثبوت آهن ته مظاهرين مان ئي ڪجهه ماڻهن هنگاما ڪيا، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ بني گالا جيان بحريه ٽائون کي به ريگيولرائيز ڪيو ۽ بحريه ٽائون خلاف ڪيسز به ختم ڪري ڇڏيا، بحريه ٽائون کي وڌيڪ زمين گهرجي ته قانوني طريقيڪار موجود آهي، حڪومت ڪاروبار کان ناهي روڪيو، هن چيو ته احتجاج سڀني جو حق آهي، پر ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، هو سمجهن ٿا ته وڌيڪ اهڙا ڪم ڪندا پر ائين ڪرڻ نه ڏنو ويندو، ڀڃ ڊاهه، باهين ۽ ملڪ مخالف نعريبازي جون سموريون وڊيوز موجود آهن، جاچ ڪريون پيا، ڪنهن کي به بيگناهه گرفتار نه ڪيو ويندو، ائين نه ٿيندو ته رڳو ڪارڪنن گرفتار ٿين ۽ اڳواڻن کي ڇڏي ڏيون.