اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر سنڌ جي وڏي وزير جا ترقياتي پروگرام بابت اعتراض رد ڪندي چيو آهي ته وفاقي ترقياتي پروگرام وفاق جو آهي، ان ۾ منصوبن بابت به فيصلو وفاق ڪندو، رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مالي سال 2021-22ع ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 2.1 کرب (2102 ارب)رپيا رکڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، ترقياتي پروگرام ۾ سڄي ملڪ جا منصوبا شامل آهن، ترقياتي بجيٽ لاءِ گذريل مالي سال جي مقابلي ۾ 36.4 سيڪڙو وڌيڪ پيسا رکيا ويا آهن، سٺي ڳالهه آهي ته وفاقي منصوبن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سمورن صوبن جي منصوبن ۾ خاطر خواهه اضافو نظر اچي رهيو آهي، ايندڙ مالي سال جي ڊي پي گروٿ جو حدف 4.8 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، 5 سال پهريان 56 سيڪڙو بجلي ۽ روڊن جي منصوبن تي رقم خرچ ٿي رهي هئي، جنهن کي هاڻي 40 سيڪڙو تي آندو پيو وڃي، هن چيو ته اسان جي ٻي وڏي ترجيح پاڻي منصوبا آهن، پاڪستان جي جنهن به تڪ ۾ وڃو اتي اهم ترين مسئلو پاڻي شامل هجي ٿو، 2019 ۽ 17 ۾ پاڻي منصوبن لاءِ 4 سيڪڙو رقم رکي ويندي هئي، هاڻي ان کي وڌائي 10 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، سماجي شعبي جي ترقي لاءِ به رقم وڌائڻ جي ضرورت آهي، سمورن علائقن کي ترقي جا برابر موقعا ملڻ گهرجن، ان سان ئي پاڪستان ۾ يڪجهتي وڌندي آهي، ٽينڪ ۽ بندوق سان قومن کي گڏ نه رکيو ويندو آهي، هن چيو ته گذريل ٻن مهينن اندر پبلڪ پرائيويٽ اٿارٽي بورڊ اندر 240 ارب رپين جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن تحت سکر حيدرآباد موٽروي منصوبو جيڪو 200 ارب رپين جو آهي جي ايڪنيڪ به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان کان سواءِ آڪٽوبر تائين وڌيڪ 520 ارب رپين جا منصوبا پبلڪ پرائيويٽ بورڊ وٽ ايندا، هن چيو ته ٽن ڊيمن ديامير ڀاشا ڊيم، مهمند ۽ داسو ڊيم لاءِ 85 ارب رپيا بجيٽ ۾ رکيا پيا وڃن، ايندڙ ٻن سالن ۾ 3 لک ايڪڙ وڌيڪ زمين آباد ڪرڻ چاهيون ٿا، سنڌ ۾ پاڻي لاءِ پاڻي منصوبن لاءِ 25 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، 100 ارب رپيا بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ رکيا پيا وڃن، سنڌ ۾ ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ۾ به سرمائيڪاري ڪئي پئي وڃي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 84 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، 105 يونيورسٽين لاءِ 120 منصوبا جڏهن ته اسڪالر شپ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، 10 ارب وڻ لڳائڻ واري منصوبي لاءِ 14 ارب رکيا پيا وڃن، ڪي پي ڪي ۾ شامل ٿيل فاٽا جي اڳوڻن علائقن لاءِ 54 ارب رپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڏکڻ بلوچستان، اندرون سنڌ ۽ سي پيڪ لاءِ 87 ارب رپيا، جڏهن ته سي پيڪ جي مغربي روٽ لاءِ 7 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هن چيو ته پنجاب صوبي جي صوبائي ترقياتي بجيٽ 500 ارب، سنڌ جي 321 ارب، بلوچستان جي 133 ارب، خيبر پختونخوا جي 228 ارب مجموعي طور تي چئني صوبن جي ترقياتي پروگرام جي رقم 1202 ارب، جڏهن ته وفاقي ترقياتي پروگرام جي رقم 900 ارب آهي، هن چيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ 40 سيڪڙو، پاڻي وسيلن لاءِ 10 سيڪڙو، سماجي ۽ علائقن کي برابر جي بنياد تي ترقي ڏيڻ لاءِ 31 سيڪڙو، پيداوار، سائنس ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي لاءِ 5 سيڪڙو رقم رکي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ ۾ گهٽيون ۽ ناليون به ٺاهي رهيا آهيون، نالن جي ارد گرد گهر سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب ٺهيا پر معاوضو وفاق ڏئي رهيو آهي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام ۾ فرق آهي، اسان عوام تي پيسا لڳائينداسين، سنڌ جي ترقياتي بجيٽ بابت سنڌ جي وڏي وزير جي اعتراضن کي هن رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته پي ايس ڊي پي وفاق جي بجيٽ آهي، منصوبن بابت فيصلو به وفاق ئي ڪندو، پ پ پ پنهنجي ڪنهن به دور ۾ هڪ انچ به موٽروي تعمير نه ڪئي، وفاق ئي ملتان کان سکر موٽروي ٺاهي ۽ هاڻي سکر کان حيدرآباد موٽروي ٺاهي رهيا آهيون، ان موقعي تي سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين جنرل (ر) عاصم سليم باجوا چيو ته سي پيڪ تحت زراعت ۽صنعتي شعبن بابت به جلد معاهدا ٿيندا، رتوديرو ايم 8 روڊ جو حصو مڪمل ٿي چڪو آهي.